نوشهروفيروز ۾ پيپلز پارٽي پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو جنم ڏهاڙو ملهايو ويو

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون ملڪ لاء ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون: مسرور علي راڄپر ۽ ٻيا

نوشهروفيروز ۾ پيپلز پارٽي پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو جنم ڏهاڙو ملهايو ويو

نوسهروفيروز(ڊ ر)شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگره جي موقعي تي نوشهروفيروز هيڊ ڪوارٽر ۾ پروگرام.پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع نوشھرو فيروز طرفان قائد انقلاب شهيد جمهوريت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره وڏي جوش جزبي سان ملهايو ويو. پروگرام ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جنرل سيڪريٽري ضلع نوشهروفيروز ايڊووڪيٽ مسرور علي راڄپر صاحب شريڪ ٿيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون ملڪ لاء ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، شهيدن جي خاندان ملڪ لاء لازوال قربانيون ڏنيون. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي دلين تي صدين تائين ياد رهندو. سالگره جي موقعي تي کيس لکين سلام ۽ خراج تحسين پيش ڪجي ٿو: پيپلز پارٽي ضلع نوشهروفيروز اڳواڻن جو خطاب. پروگرام ۾ وقاص احمد سومرو پيپلز پارٽي انفارميش سيڪريٽري ضلع نوشهروفيروز، سابقه ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر، PYO صدر ضلع نوشهروفيروز غضنفر راڄپر، دوست علي سولنگي صدر پ پ تعلقه مورو، پير رڪن دين قريشي، چيئرمين ٽائون پڊعيدن، خان محمد اعواڻ، محبوب علي ابڙو، قاري عبدالحڪيم گهانگهرو،ذوالقرنین ڊاڪٽر عبدالرزاق ڀرٽ , لالا توفيق چانڊيو, حيدر ملاح، ڪامران علي تڳڙ، غلام فاروق ڀنڀرو، ڊاڪٽر نور مورو، محمد حسن راڄپر، سميت بلدياتي نمائندا، پيپلز پارٽي اڳواڻ عهديدارجيالا شريڪ ٿيا.