English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ سٽي جي اسپتال جون لکين رپين جون دوائون ايڪسپائر ٿيڻ جو انڪشاف
209 views
|
02nd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
اسپتال عملي ڪيترين ئي دوائن کي مدي خارج قرار ڏئي اڇلائي ڇڏيو: عوامي پريس ڪلب جي ٽيم
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ سٽي ۾ قائم 50 بسترن واري سرڪاري اسپتال ۾ صحت کاتي جي سنگين لاپرواهي سامهون آئي آهي جتي عملي ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب اسپتال عملي لکين رپين جون دوائون استعمال ڪرڻ بدران ساڙي ضايع ڪري ڇڏيون آهن. عوامي پريس ڪلب ملير جي ٽيم موجب ڪيترين ئي دوائن کي مدي خارج قرار ڏئي زمين تي اڇلائي به ڇڏيو ويو رپورٽ موجب بخار، ساھ، ڪمزوري، مليريا، ڊائريا، زڪام، کنگهه، چمڙي ۽ ٻين عام بيمارين جون دوائون موجود هجڻ باوجود مريضن کي مهيا نه ڪيون ويون ۽ بعد ۾ انهن کي ساڙي ضايع ڪيو ويو. صحافين صحت کاتي جي هن عمل تان پردو کڻي ڇڏيو آهي.علائقي واسي ٻڌايو آهي ته اسپتال بجلي، پاڻي، ميڊيڪل ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کان مڪمل طور محروم آهي. رهواسين جو چوڻ آهي ته گذريل 25 سالن کان قائم هن اسپتال جا سمورا شعبا خالي پيل آهن ۽ دوائون مريضن کي ڏيڻ بدران مدي خارج قرار ڏئي ساڙيون وڃن ٿيون.رهواسين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته صحت کاتي ۽ اسپتال انتظاميا جي لاپرواهي سبب ليبارٽري، آپريشن ٿيٽر، ايمرجنسي، ليبر روم، بلڊ بينڪ، الٽراسائونڊ، اين آءِ سي يو سميت ٻيون اهم سهولتون موجود ناهن. ڊاڪٽر به ڪڏهن ڪڏهن اچن ٿا، جنهن سبب اسپتال ويران منظر پيش ڪري ٿي.علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته لکين رپين جون دوائون ضايع ڪرڻ واري معاملي جو فوري نوٽيس ورتو وڃي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.ٻئي طرف اسپتال جي ميڊيڪل سپريڊيننٽ جو چوڻ آهي ته دوائون مدي خارج ٿي چڪيون هيون، ان ڪري ساڙيون ويون. هن جو چوڻ هو ته اسپتال شهر کان پري هجڻ سبب عملي کي آڻڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، سهولتون ناهن ۽ اسٽاف جي کوٽ سبب مسئلا وڌي ويا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ سٽي جي اسپتال جون لکين رپين
0 تبصرے