شهدادپور ويجهو شادي نه ڪرائڻ تان پٽ پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

جوابدار ڪجهه عرصو اڳ پنهنجو نازو عضوو به ڪاٽي چڪو، سندس ذهني توازن درست ناهي: وارث

شهدادپور ويجهو شادي نه ڪرائڻ تان پٽ پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

شهدادپور (رپورٽر) شهدادپور ڳوٺ شير خان لغاري ۾ وحشي صفت جوابدار اڪبر لاکو ڪمري ۾ ستل 60 ورهين جي پيرسن پيءُ وارث لاکو کي ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن جوابدار کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، علي اصغر لاکو جو چوڻ هو ته ڀاءُ جو ذهني توازن درست ناهي، اڳ ۾ به پنهنجو نازڪ عضوو وڍي کائي ويو هو ڀاءُ هر هڪ سان جهيڙو ڪندو هو، سندس علاج به جاري هو ، پوليس موجب جوابدار ڏوھ جو اعتراف ڪندي چيو ته شادي نه ڪرائڻ تان والد کي قتل ڪيو آهي، پوليس مڙھ تحويل ۾ وٺي سِمس اسپتال منتقل ڪيو،