عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي عهديدارن ۽ ميمبرن پاران سال جي آخري سج کي الوداع

صحافين بلاول سمون جي اڳواڻي ۾ ڄام نظام الدين جي تاريخي مقبري تان 2025 جي آخري سج کي الوداع ڪيو

عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي عهديدارن ۽ ميمبرن پاران سال جي آخري سج کي الوداع

ٺٽو (شفيق ڀٽي)عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي عهديدارن ۽ ميمبرن صدر بلاول سمون جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي هاڪاري حڪمران ڄام نظام الدين جي تاريخي مقبري تان سال 2025 جي آخري سج کي الوداع چيو ۽ سال 2026 جو استقبال ڪيو.ان موقعي تي گڏيل دعا گهري وئي ته نئون سال سنڌ سميت پوري ملڪ لاءِ امن، خوشحالي، ترقي، استحڪام، ڀائيچاري، سماجي انصاف، معاشي آسودگي، تعليم ۽ صحت جي بهتري، صحافتي آزادي، حق ۽ سچ جي بالادستي، ۽ عوامي مسئلن جي حل جو سال ثابت ٿئي، جڏهن ته قدرتي آفتن، بدامني ۽ ناانصافي کان ملڪ کي محفوظ رکڻ لاءِ به دعا ڪئي وئي.تقريب ۾ سينيئر نائب صدر محمد عمر سرائي، جنرل سيڪريٽري اي بي شورو، عبيدالله جماري، مجاهد واريو، ممتاز سميجو، مختيار جان چانڊيو، زاهد امير جوکيو، مڪيش ديو، مظھر علي، نقاش مسيح سميت پريس ڪلب جا ٻيا عهديدار ۽ ميمبر وڏي انگ ۾ شريڪ هئا.شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته عوامي پريس ڪلب ٺٽو نئين سال ۾ به ذميوار صحافت، سماجي آگاهي ۽ عوامي حقن جو ڀرپور آواز بڻيل رهندو.