عوامي پريس ڪلب ملير ۽ ساڪرو ادبي فورم پاران سال جي آخري سج کان موڪلاڻي

ملير جي جاکوڙي ڪردار سيد خدا ڏنو شاه سان ڀنڀور ڪناري سرمئي شام ملهائي ويئي

عوامي پريس ڪلب ملير ۽ ساڪرو ادبي فورم پاران سال جي آخري سج کان موڪلاڻي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)عوامي پريس ڪلب ملير ۽ ساڪرو ادبي فورم طرفان سال 2025 جي آخري لهندڙ سج کان موڪلاڻي ۽ ملير ڄائي سنڌ جي اڻورچ، جاکوڙي سياسي، سماجي ۽ قومي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاه سان يادگار “سرمئي شام” سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي سمنڊ ڪناري وڏي شان سان ملهائي وئي.تقريب ۾ ملير ضلعي سميت ٺٽي ضلعي جي ساڪري، ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، گهارو، گجو ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن مان سياسي، سماجي، ادبي ڪارڪنن ۽ شهرين سوين جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. سمنڊ جي لهرن، لهندڙ سج ۽ تاريخي ڀنڀور جي پسمنظر تقريب کي ثقافتي رنگ ۾ رنگي ڇڏيون ان موقعي تي سرمئي شام جون ٻه ويهڪون منعقد ٿيون پهرين ويهڪ ۾ سياسي، سماجي، صحافتي ۽ ادبي کيٽر جي نامور شخصيتن سنڌ ڪلچرل فورم جو چيئرمين صادق لاکو، قومي عوامي تحريڪ جو اشفاق چنڙ، عوامي تحريڪ جي علي محمد ڪلمتي، ساڪرو قادر مليپوٽو، ڪي بي لاشاري، پروفيسر آغا شير گل سرڪي، غلام نبي مگسي، علي مستوئي، يوسف شاھ، الھجڙيو برفت، فقير نبي بخش بلوچ ، عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر جمشيد زهراڻي عرفان عباسي اقبال شاھين، غفور شاھ تقوي جي ايم ٿھيم قادر سمون ۽ ٻين خطاب ڪندي سيد خدا ڏنو شاه جي مسلسل جدوجهد، اڻٿڪ جاکوڙ، اصولي سياست، قومي شعور، ۽ سنڌ سان بي لوث محبت کي زبردست لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي. مقررن چيو ته سيد خدا ڏنو شاه جهڙيون شخصيتون رڳو فرد ناهن هونديون، پر تحريڪ، فڪر ۽ تاريخ بڻجي وينديون آهن، جن جي جدوجهد ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائي جو سرچشمو هوندي آهي پهرين ويهڪ جي پڄاڻي تي سيد خدا ڏنو شاه پنهنجي عزت افزائي تي خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪندي تقريب ۾ شريڪ سمورن دوستن، ساٿين ۽ منتظمين جو دل جي گهراين سان ٿورو مڃيو هن چيو ته سنڌ جي ڌرتي، ان جا ماڻهو ۽ سندن جدوجهد ئي سندس اصل سرمايو آهن، ۽ هو پنهنجي وس آهر سنڌ جي حقن ۽ عوامي جدوجهد سان گڏ بيٺل رهندو تقريب ۾ قومي فنڪارن، اديبن، شاعرن فن جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته ٻي ويهڪ عوامي پريس ڪلب ملير جي روايتي ۽ قومي رنگ واري تقريب هئي، جنهن ۾ سال 2025 جي آخري سج کان لطيف جي وائين جي گونج ۾ موڪلاڻي ۽ نئين سال 2026 جي پُرعزم آجيان ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن ڀنڀور جي آثارن لڳ سمنڊ ڪناري قطارون ٺاهي قومي انداز ۾ گلن جي ورکا ڪئي،قومي شاعر غفور شاه تقوي لطيف جي وائي پڙهي ۽ سيد خدا ڏنو شاه سنڌ، ملير ۽ پوري وطن جي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون قومي ٻڌي، وطن جي حفاظت ترقي خوشحالي جي نئين عزم سان تقريب پنهنجي پڄاڻي تي پهتي