English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ مفت موبائل ميڊيڪل سروس ڪئمپ قائم
234 views
|
30th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز (ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ارسلان سليم ۽ ڊي ايڇ او غلام قادر چانڊيو جي سهڪار سان ريهيبليٽيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ حڪومت طرفان هڪ مفت موبائل ميڊيڪل سروس ڪئمپ قائم ڪئي وئي. ميڊيڪل ڪئمپ ۾ آسپاس جي ڳوٺاڻن جو مفت طبي معائنو ڪيو ويو، مختلف طبي ٽيسٽون ڪرايون ويون ۽ مريضن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون. ميڊيڪل ڪئمپ لڳائڻ ۾ محمد يونس راجپر، عبدالقادر راجپر، غلام سرور راجپر ۽ ڳوٺ سڌار سنگت جمن راجپر جو خاص سهڪار رهيو، جڏهن ته ڪئمپ اڳواٽن جي موجودگي ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو علاج ڪيو ويو. ڪئمپ جي اڳواڻي ايڊمن رضا حسين لنڊ ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽر نور محمد بروهي ۽ ڊاڪٽر خداداد جتوئي سوين مريضن جا طبي ٽيسٽ ڪرايا ۽ کين مفت دوائون فراهم ڪيون. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت طرفان هر ضلعي ۾ ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون وڃن ٿيون، جن ۾ غريب ماڻهن جون شگر، هيپاٽائٽس بي ۽ سي، مليريا ۽ اي سي جي جون ٽيسٽون ڪري مفت دوائون ڏنيون وڃن ٿيون. ريهيبليٽيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ حڪومت عوام کي اپيل ڪئي آهي ته غريب ۽ مسڪين ماڻهو هن سهولت مان فائدو حاصل ڪن ۽ اچي پنهنجو مفت علاج ڪرائين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾ مفت موبائل ميڊيڪل
0 تبصرے