صوبائي محتسبِ اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار (ايف) سيد علي ممتاز زيدي جي صدارت کلي ڪچهري

عوامي شڪايتن ۽ مسئلن جي حل لاءِ سرڪٽ هائوس مڪلي ۾ کلي ڪچهري جو اهتمام ڪيو ويو

صوبائي محتسبِ اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار (ايف) سيد علي ممتاز زيدي جي صدارت کلي ڪچهري

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)صوبائي محتسبِ اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار (ايف) سيد علي ممتاز زيدي جي صدارت هيٺ عوامي شڪايتن ۽ مسئلن جي حل لاءِ سرڪٽ هائوس مڪلي ۾ کلي ڪچهري جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب ھارون احمد خان ، اسسٽنٽ رجسٽرار محتسب محمد حنیف پنھور ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ ، ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر وحيد لاڙڪ ، اسسٽنٽ ڪمشنرز ، تعليم ، صحت ، پبلڪ هيلٿ، سوشل ويلفيئر، لوڪل گورنمينٽ سميت مختلف سرڪاري کاتن جي عملدارن ۽ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي. کلي ڪچهري دوران شهرين گٽڪا، ماوا ۽ ٻين منشيات جي کليل استعمال ۽ وڪري، سرڪاري کاتن ۾ ڪرپشن، قبرستانن تي قبضا، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ غيرقانوني طور سي اين جي سلينڊرن جي تنصيب، صحت ۽ تعليم جي مسئلن سميت ٻين اهم معاملن بابت شڪايتون پيش ڪيون. صوبائي محتسبِ اعليٰ سنڌ جي معاون سيد علي ممتاز زيدي عوام جون شڪايتون ڌيان سان ٻڌيون ۽ موقعي تي ئي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي فوري حل جا حڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سيد علي ممتاز زيدي چيو ته گٽڪا، ماوا ۽ هر قسم جي منشيات جو استعمال سماج لاءِ هڪ وڏو سماجي ناسور آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ انتهائي ضروري آهن. هن چيو ته وڏن منشيات فروشَن خلاف ڪارروائي لاءِ اعليٰ اختيارين کي باقاعدي طور لکيو ويندو ته جيئن هن ناسور کي پاڙان پاڙ ختم ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي محتسبِ اعليٰ سنڌ جو ادارو سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن خلاف عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ سرگرم عمل آهي ۽ شهري بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي شڪايتون هن فورم تي داخل ڪرائي سگهن ٿا. کلي ڪچهري دوران هن شهرين کان تحريري درخواستون به وصول ڪيون ۽ سڀني جائز مسئلن جي حل جي يقين دهاني ڪرائي. سيد علي ممتاز زيدي صوبائي محتسبِ اعليٰ جي اداري جي اغراض و مقاصد تي روشني وجهندي چيو ته هي ادارو عوام ۽ سرڪاري کاتن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿو، جتي شهرين کي بنا معاوضي ۽ بروقت انصاف فراهم ڪيو وڃي ٿو. هن شهرين تي زور ڏنو ته هو پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ صوبائي محتسب جي آفيس سان رابطو ڪن. ان کان اڳ صوبائي محتسبِ اعليٰ سنڌ جي معاون سيد علي ممتاز زيدي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب ٺٽو جي آفيس جو دورو ڪيو، جتي هن مختلف شعبن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن ريجنل ڊائريڪٽر محتسب ۽ ٻين عملدارن ۽ عملي کي هدايتون ڏنيون ته عوامي شڪايتن جي داخلا ۽ انهن جي بروقت ازالي جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي ۽ سائلين سان خوش اخلاقي ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. کلي ڪچهري جي پڄاڻي تي شهرين مسئلن تي فوري نوٽيس وٺڻ ۽ حل جي يقين دهاني تي صوبائي محتسبِ اعليٰ سنڌ جي معاون جي قدمن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سندن شڪايتن جو جلد کان جلد ازالو ڪيو ويندو.