عمرڪوٽ (ڊ ر) پريس ڪلب عمرڪوٽ جي آفيس سيڪريٽري سوائي مل رکيسر جي پٽ هيمن داس عرف ڪارتڪ جي ٻي سالگرهه پريس ڪلب عمرڪوٽ جي هال ۾ خوشي ۽ سادگي سان ملهائي وئي، تقريب ۾ پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مئنيجمنٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي، هيمن داس عرف ڪارتڪ جي وڏي چاچا ڪانجي مل رکيسر، اشوڪ ڪمار درڙا، دليپ ڪمار کتري، مشتاق ڪنڀر، مدن گوپال، قربان جهِنجهِي، سجاد علي شيخ سميت ٻين صحافين ۽ معزز شخصيتن شرڪت ڪئي، تقريب دوران ڪارتڪ جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ان موقعي تي پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مئنيجمنٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي چيو تہ ٻار گلڙن جهڙا هوندا آهن، جيڪي قوم جي مستقبل جا سچا معمار بڻجن ٿا، اڄ جي هن معصوم ٻار ۾ سڀاڻي جي اميدن جي خوشبو موجود آهي، دعا آهي ته هيمن داس عرف ڪارتڪ علم، اخلاق ۽ ڪردار سان اڳتي وڌي، ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري ۽ والدين لاءِ فخر جو سبب بڻجي، جڏهن ته ان موقعي تي اشوڪ ڪمار درڙا، ڪانجي مل، دليپ ڪمار کتري، مشتاق ڪنڀر، مدن گوپال، قربان جهِنجهِي، سجاد علي شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ اسانجي دعا آهي ته هيمن داس عرف ڪارتڪ صحتمند، خوشحال ۽ ڪامياب زندگي ماڻي، پنهنجي والدين، شهر ۽ ملڪ لاءِ سڃاڻپ بڻجي ۽ مستقبل ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪري، آخر ۾ ملڪ جي ترقيءَ خوشحاليءَ لاءِ پڻ دعا گھري وئي.
0 تبصرے