English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي جهرڪ رورل هيلٿ سينٽر جي ايم ايس خلاف ريلي
315 views
|
07th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
رورل هيلٿ سينٽر جهرڪ جي موجوده ايم ايس جبار ميمڻ کي فوري طور هٽايو وڃي: اڳواڻن جو مطالبو
ٺٽو (ڊ ر)جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي جهرڪ رورل هيلٿ سينٽر جي ايم ايس جبار ميمڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي۔ريلي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن امجد علي شورو، ظهير جهرڪو، نويد سولنگي، ذوالفقار ميراڻي، دلاور رند ۽ شهزاد رند سميت وڏي تعداد ۾ شهرين شرڪت ڪئي۔احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته رورل هيلٿ سينٽر جهرڪ جي موجوده ايم ايس جبار ميمڻ کي فوري طور هٽايو وڃي ۽ اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ جو نوٽيس وٺي عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن۔اڳواڻن وڌيڪ الزام هنيو ته رورل هيلٿ سينٽر کي تازو فراهم ڪيل ايمبولنس گم ٿي وئي آهي، جنهن جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي۔ انهن وڌيڪ چيو ته سائين اڪبر رند جي جبري طور برطرف ڪيل يتيم نياڻي کي ٻيهر جهرڪ رورل هيلٿ سينٽر تي بحال ڪيو وڃي۔احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مٿين مطالبن تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته جيئي سنڌ محاذ پاران سموري ضلعي ۾ وڌيڪ سخت احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي جهرڪ
0 تبصرے