English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
27ھين ترميم ذريعي جمھوري قدرن تي راتاهو ھنيو ويندو. سول سپروميسي کي ختم ڪيو ويندو: اياز لطيف پليجو
96 views
|
07th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ پاران 27 ھين آئيني ترميم خلاف اڄ ٿاڻي بولا خان ۾ سنڌ مارچ ٿيندو
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ پاران 27 ھين آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت تي امڪاني حملي، ڪارپوريٽ فارمنگ ،پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪوهستان جي زمينن تي قبضن، بدامني لاقانونيت ۽ منشيات خلاف سڀاڻي (اڄ) ٿاڻو بولا خان ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي محبت سنڌ پيادل مارچ ۽ جلسي عام ڪيو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ 27ھين ترميم جمھوري قدرن تي راتاهو ھنيو ويندو. سول سپروميسي کي ختم ڪيو ويندو. لوڪل باڊيز کي وفاقي حوالي ڪري نئون ون يونٽ قائم ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي جمھوريت جي پٺ ۾ خنجر ھڻي رھي آھي. سنڌ جي وحدت ۽ وسيلا وڪڻي بلاول کي ايندڙ وزيراعظم بنايو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ عدالتن جا اختيار کسيندڙ 26ترميم کانپوء 27ھين ترميم سنڌ ۽ ملڪ تي قاتلاڻو حملو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري آخري حد تائين وڃي سگھن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ناڻي ورڇ وسيلن جي بنياد تي ڪرڻ گھرجي. سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻھن جا آھن پر آبادي جي بنياد تي ناڻي ورڇ ڪري سنڌ جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو. اين ايف سي ايوارڊ ذريعي سنڌ جي دولت تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جي آھي. سنڌ جي زمين ۾ پوريل خزانہ تيل، گئس، پيٽرول، ڪوئلو سڀ سنڌ جا آھن اسين مالڪ آهيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪا بہ دلچسپي ۽ محبت ناهي. هي سوداگر آهن. ھنن کي صرف اقتدار کپي. سنڌ جي ماڻھن کي ھاڻ ھنن مان جان ڇڏائڻي پوندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ پاران
سنڌ مارچ ٿيندو
0 تبصرے