مورو جي نوراني ڪالوني ۾ نوجوان ناري ڏير هٿان مبينا قتل

مبينا قتل بعد ناري جو لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جي ڪوشش، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

مورو جي نوراني ڪالوني ۾ نوجوان ناري ڏير هٿان مبينا قتل

مورو(جاني جماڻي)مورو شھر جي نوراني ڪالوني اندر اڄ شام ڇھ کان ست بجا ڌاري ڏير سيد ساجد علي شاھ پاران پنھنجي نوجوان ڀاڄائي ٻن معصوم ٻارڙن جي ما۽ سيده آمنه شاھ زال سيد امجد علي شاھ کي مبينه طور تي تشدد بعد بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو جنھن بعد پنھنجي گھر واري سان ملي گھر اندر لاش دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي دوران پاڙي وارن کي کڙڪ پوڻ تي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر فوري طور تي واقعي واري ھنڌ پھچي شاھديون گڏ ڪري لاش کي کڻائي ڪارروائي لا۽ سول اسپتال منتقل ڪيو جوابدار واقعي واري جاء تان ڦرار ٿي ويو،