اسٽيل مل جي اڏاوت دوران 15 کان وڌيڪ تاريخي ڳوٺ ۽ قبرستان متاثر ٿيا، پر انهن ڳوٺاڻن کي روزگار نه ڏنو ويو: سيد خدا ڏنو شاهه
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل مل جي متاثرن جو اجلاس، ڳوٺ زرعي زمينن ۽ تاريخي قبرستانن جي واپسي جو مطالبو تفصيل موجب اسٽيل مل جي متاثرن جو اجلاس سنڌ انڊيجنئس رائٽس الائنس جي مرڪزي صدر سيد خدا ڏنو شاهه جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ انور جوکيو، اياز حمايتي سميت متاثرن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي اجلاس ۾ سيد خدا ڏنو شاهه ڳالهائيندي چيو ته اسٽيل مل جي اڏاوت دوران 15 کان وڌيڪ تاريخي ڳوٺ ۽ قبرستان متاثر ٿيا، پر انهن ڳوٺاڻن کي نه روزگار ڏنو ويو ۽ نه ئي متبادل زمين فراهم ڪئي وئي. هن چيو ته اڌ صدي گذرڻ باوجود متاثرن سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته عدالتون به ڳوٺاڻن جي حق ۾ فيصلا ڏئي چڪيون آهن. سيد خدا ڏنو شاهه وڌيڪ چيو ته لينڊ ايڪوزيشن ايڪٽ تحت جيڪا به زمين ڪنهن منصوبي لاءِ حاصل ڪئي وڃي ٿي، ان کي 45 سالن جي اندر ڄاڻايل مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ ضروري آهي، ٻي صورت ۾ اها زمين پاڻ مرادو اصل مالڪن جي ملڪيت ٿي ويندي، هن چيو ته ان قانون تحت هاڻي اسٽيل مل جي حدن اندر موجود قديم ڳوٺ ۽ سروي زمينون اسٽيل مل کان متاثر ٿيندڙ ڳوٺاڻن جي ملڪيت آهن هن سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسٽيل مل جي تباهي کان پوءِ پنهنجي اجهن ۽ روزگار کان محروم اسٽيل مل جي متاثرن کي سندن ابن ڏاڏن جا قبرستان، ڳوٺ ۽ زرعي زمينون واپس ڪري انصاف ڪيو وڃي.
0 تبصرے