English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
باڊھ ۾ ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن طرفان پگھارن ۽ پيشنن مان ڪٽوتين خلاف احتجاج
226 views
|
07th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ھر مھيني پگھارون ۽ پينشن مان ناجائز ڪٽوتي ڪري ماھوار ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي: ملازم
باڊھ (رپورٽر) باڊھ ۾ ٽائون ڪاميٽي ملازمن طرفان پگھارون ۽ پيشنن مان ناجائز ڪٽوتين ۽ انتقامي ڪارواين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ٽائون ملازمن عامر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ٽائون چيئرمين جي آفيس کان پراڻي ٽائون ھال تائين ھٿن ۾ بينر ۽ معصوم ٻچڙا کڻي پگھارن مان ڪٽوتين خلاف زوردار نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي ملازمن دانھيندي چيو ته ٽائون چيئرمين بدرالدين ساريو ۽ ٽائون آفيسر عمران علي سيال ھر مھيني ملازمن جي پگھارون ۽ پينشن مان ناجائز ڪٽوتي ڪري ماھوار ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري رھيا آھن، جڏھن ته 2012 ۾ ڀرتي ٿيل ملازمن جو پگھارون رڪارڊ تي موجود آھي پر اھي پئسا ملازمن کي نٿا ملن، ڪيترن ئي ملازمن خلاف انتقامي ڪاروائي ڪري سندن پگھارون ۽ پينشن روڪيو ويون آھن، ملازمن چيو ته ٽائون چيئرمين اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي 340 ملازم ھجڻ باوجود 66 ڪچا ملازم ڀرتي ڪيا آھن ۽ 8 ملازم ڊيپوٽيشن تي رکرايا ويا آھن، جيڪي ٽائون جي خزاني تي اضافي بار وڌو ويو آھي، اڳ ئي 2012 جي ڀرتي ٿيل ملازمن جون پگھارون جاري نه ٿيون ٿين، ماھوار ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، ملازمن وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھه، بلديات کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھه، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سنڌ ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آھي ته ٽائون ڪاميٽي باڊھه جي ملازمن کي فل پگھارون ۽ پينشن جاري ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
باڊھ ۾ ٽائون ڪاميٽي
باڊھ
0 تبصرے