تقريب ۾ صدر محمد اياز مري، جنرل سيڪريٽري شير محمد اڄڻ، عبدالرحيم عباسي، امداد حيدر سولنگي، فائزه ايوب سولنگي ۽ ٻيا شريڪ
نوشهرو فيروز (ڊر)سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ ضياءُ الحسن لنجار ۽ سندس پينل جي ڪاميابي تي سندس حمايتي وڪيلن پاران جشن ۽ خوشي جو اظهار ڪيو ويو۔ ان موقعي تي پي ايل ايف جي عهديدارن ۽ وڪيل برادري پاران ڊسٽرڪٽ بار نوشهروفيروز ۾ مٺايون ورهايون ويون۔ تقريب ۾ صدر محمد اياز مري، جنرل سيڪريٽري شير محمد اڄڻ، عبدالرحيم عباسي، عمرالدين پنھور، دوست علي سولنگي، سردار نثار احمد چن، رئيس نبي بخش لاکو، فراز حڪيم لاکو، خالد حسين ڀٽو، ضمير الحسني ميمڻ، ڪاشف ٻوھيو، امداد حيدر سولنگي، ميڊم فائزه ايوب سولنگي، نواب خان مري، غلام سرور مري، سيد محمد علي شاهه، اظھر رند ۽ سانول کوکر شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي صدر محمد اياز مري، شير محمد اڄڻ، دوست علي سولنگي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسان سڀني وڪيلن ۽ دوستن گڏجي محنت سان چونڊ مهم هلائي جنهن سبب ضياءُ الحسن لنجار جو پينل وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي ويو هنن چيو ته اسان سڀني وڪيل ڀائرن جا نهايت شڪرگذار آهيون جن ووٽ ڏئي ٻڌي ۽ اتحاد جو ثبوت ڏنو آهي۔ هنن چيو ته وڪيل برادري سان هر ڏکئي وقت ۾ گڏ رهنداسين ۽ وڪيلن جي حقن ۽ وقار جي حفاظت لاءِ گڏيل جدوجهد جاري رکنداسين۔
0 تبصرے