English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بن قاسم پوليس جي ڪارروائي، ڪُڪنگ آئل چوري جي ڪوشش ناڪام، 2جوابدار گرفتار
120 views
|
05th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ محسن پٽ رفيق ۽ ساحل پٽ جارج طور ٿي، سندن ساٿي زبير عرف برمڊو فرار ٿي ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بن قاسم پوليس پورٽ قاسم ڀرسان ڪارروائي ڪندي ڪُڪنگ آئل چوري ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي۔ پوليس جي ڪارروائي دوران ٻه جوابدار محسن ولد رفيق ۽ ساحل ولد جارج کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن تہ آئل چور مافيا جو سرگرم ڪارندو زبير عرف برمڊو واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پوليس موجب گرفتار جوابدار پورٽ قاسم مان نڪرندڙ آئل ڪنٽينرز مان پلاسٽڪ جي ڪينن ۾ ڪُڪنگ آئل ڀري رهيا هئا ته بن قاسم پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي هڪ هاءِ روف گاڏي، چار ڀريل آئل جا ڪين ۽ 18 خالي پلاسٽڪ جا ڪين هٿ ڪري ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ابتدائي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته جوابدار ڪنٽينرز جي ڊرائيورن سان ملي ڀڳت ڪري آئل چوري ڪري مختلف دڪانن تي وڪرو ڪندا هئا۔ گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن تہ مفرور جوابدار زبير عرف برمڊو جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پورٽ قاسم ڀرسان ڪُڪنگ آئل جي
0 تبصرے