ابراهيم حيدري ويجهو سلنڊر جو ڌماڪو، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

دڪان اندر سلينڊر ۾ گئس ڀرڻ دوران ليڪيج ٿيڻ بعد ڌماڪو ٿيو ۽ باهه ڀڙڪي پئي: پوليس

ابراهيم حيدري ويجهو سلنڊر جو ڌماڪو، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري لڳ ڪوسٽ گارڊ چوڪ وٽ المصطفيٰ اسپتال جي سامهون واقع گئس سلنڊر جي دڪان ۾ زور دار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص موقعي تي ئي سڙي فوت ٿي ويو جڏهن⁠تہ ٻيو شخص سخت زخمي ٿي پيو پوليس ۽ ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن دڪان ۾ گئس سلنڊر ڀريو پيو ويو، اوچتو ليڪيج سبب ڌماڪو ٿيو ۽ باهه ڀڙڪي اٿي۔ اطلاع ملڻ تي فائر بريگيڊ، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ باهه تي ضابطو حاصل ڪيو فوتي شخص جي لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن⁠تہ شديد زخمي شخص کي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو آهي پوليس موجب فوتي شخص جي سڃاڻپ آصف ولد عبدالرزاق عمر 40 سال ۽ زخمي شخص جي سڃاڻپ جميل ولد سليمان عمر 35 سال طور تي ٿي آهي ابتدائي جاچ موجب واقعو ممڪن طور گئس ليڪيج سبب پيش آيو، جڏهن⁠تہ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔ ڌماڪي سبب دڪان کي جزوي نقصان به پهتو۔