ملير ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان ووٽ جي اهميت بابت آگاهي پروگرام

ووٽ رڳو هڪ حق نه پر قوم جي امانت آهي۔ نوجوان نسل کي گهرجي ته هو ووٽ داخل ڪرائين: سڪندر علي جنجه

ملير ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان ووٽ جي اهميت بابت آگاهي پروگرام

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سهڪار سان ووٽ جي اهميت ۽ ووٽنگ جي عمل بابت آگاهي پروگرام مدرسه گلِ خيريان قرآن انسٽيٽيوٽ ۾ منعقد ڪيو ويو۔ پروگرام ۾ مدرسه جي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي ضلعي اليڪشن ڪمشنر ملير سڪندر علي جنجه شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته ووٽ رڳو هڪ حق نه پر قوم جي امانت آهي۔ نوجوان نسل کي گهرجي ته هو ووٽ جي اندراج ۽ ان جي صحيح استعمال جي عمل بابت مڪمل ڄاڻ رکن ته جيئن ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهن۔پروگرام دوران اليڪشن ڪميشن جي نمائندن شاگردن کي ووٽ جي اندراج، فارم 21 ڀرڻ جي طريقيڪار ۽ شفاف چونڊ عمل بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو۔ آخر ۾ شاگردن سان سوال جواب جو سيشن رکيو ويو، جنهن ۾ شاگردن وڏي دلچسپي ڏيکاري ۽ پنهنجا خيال پيش ڪيا۔ پروگرام جي پڄاڻي تي شاگردن ۾ فارم 21 ورهايا ويا ته جيئن هو پنهنجي ڪٽنبن ۽ برادرين ۾ ووٽ جي اندراج بابت آگاهي پکيڙين شرڪت ڪندڙن اليڪشن ڪميشن جو ٿورو مڃيو۽ چيو ته اهڙا پروگرام نوجوانن ۾ جمهوري شعور اُجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا۔