مخدوم عطاء حسين قريشي آستانہ غوثيہ خليفي حاجي ابراھيم جوکيو تي پھچي مريدن ۽ عقيدتمندن سان ملاقاتون ڪيون
ٺٽو(ڊ ر)غوث بھاء الحق ذڪريا ملتاني جي گادي نشين مخدوم عطاء حسين قريشي الھاشمي سھروردي پاران مڪلي لڳ ڳوٺ سومار جوکيو ٺٽہ سيمنٽ فيڪٽري ڦاٽڪ اسٽاپ وٽ آستانہ غوثيہ خليفي حاجي ابراھيم جوکيو جي آستاني تي پھچي پنھنجي مريدن ۽ عقيدتمندن سان ملاقاتون ڪيون، جتي مولوي نصراللہ چانڊيو، مولوي مولابخس سمون، حاجي محمد جوکيو، خليفو حاجي ابراھيم جوکيو، ماستر عمر پليجو، صحافي محمد ايوب ملاح، خليفو محمد نواز ڀٽرو، طھير الله جوکيو، گل حسن جوکيو، مراد حسن جوکيو، وڏيرو حاجن جوکيو، ماستر اسحاق منگسي، پيارو خان عالماڻي، غلام علي جوکيو، غلام نبي جوکيو، توقير احمد جوکيو، اظھر ڀٽرو، غلام مصطفي جوکيو ۽ بيا پڻ موجود ھئا. ان موقعي تي مولوي نصرالله چانڊيو عطاري، مولوي مولابخش سمون واعظ ڪري ھڪ الله جي وحدانيت تي روشني وڌي، آخر ۾ غوث بھاء الحق ذڪريا ملتان واري گادي نشين مخدوم عطاء حسين قريشي الھاشمي سھروردي ملڪ جي سلامتي، خوشحالي، امن امان سميت بيمار، لاچار ماڻھن جي صحتيابي لاء رب پاڪ کان خصوصي دعائون گھرندي چيو تہ ھڪ الله ۽ ان جي رسول حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ڏسيل واٽ تي عمل ڪندي اسان پنھنجي زندگي ۽ آخرت کي سنواري سگھون ٿا، جنھن تي عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي، ھن چيو تہ مسلمانن کي گھرجي تہ 5 وقت نماز باجماعت ادا ڪرڻ سميت پنھنجي ماء پيء جو ادب ڪري ان جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪن، ھن چيو تہ اسان قرآني نسخن تحت في سبيل الله مختلف بيماري ۾ ورتل ماڻھن جو علاج ڪري کين دوائون ڏيڻ سميت سندن روحاني علاج پڻ ڪريون ٿا، جنھن مان کين الله پاڪ فيض ڏيئي ٿو، ھن چيو تہ آستانہ غوثيہ مڪلي لڳ ٺٽہ سيمنٽ فيڪٽري تي ايندڙ مريضن جي رجسٽريشن بہ ٿئي ٿي، جتي ھن وقت تائين ھزارين ڪينسر، پٿري، شگر، معدي، السر، بلڊ پريشر، دل جي گھبراھٽ، ٽينشن جي مريضن جي رجسٽريشن ٿي چڪي آھي، جن مان وڏي تعداد جي پٿري جي مريضن جي پٿري ختم ٿيڻ سميت اڪثر مريض شفاياب ٿي چڪا آھن، ھن چيو تہ اسانجي ڪوشش آھي تہ بيمار ماڻھن کي فائدو پھچي جنھن لاء رب جي بارگاھ ۾ ٻاڏايون پيا، اھوئي ئي مريضن کي فيض مھيا ڪري ٿو، ھن چيو تہ ٺٽي جا محبتي ماڻھون آھن، جن وٽان کيس وڏي محبت ملي آھي، آخر ۾ مختلف علائقن کان آيل ماڻھن پاران مخدوم عطاء حسين قريشي الھاشمي سھروردي کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفا پيش ڪري کانئنس دعائون حاصل ڪيون.
0 تبصرے