English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شايد سنڌ سميت ٻين صوبن کي ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي: غلام مرتضيٰ جتوئي
120 views
|
04th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
اين ايف سي ايوارڊ، معدنيات ۽ ٻين اهم معاملن کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون پڻ سامهون اچي رهيون آهن
نوشهروفيروز (ڊ ر)بلاول زرداري قتل ڪيس ۽ محبت ديرو ٿاڻي ۾ داخل ڪيسن جي ٻڌڻي عدالت پاران 19 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۔ ٻڌڻي کانپوءِ عدالت ٻاهران اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اڳواڻ غلام مرتضیٰ جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڃان تائين واضع ناهي ته 27 هين آئيني ترميم ۾ آخر ڇا آڻين پيا سندس چوڻ هو ته خدشا موجود آهن ته شايد سنڌ سميت ٻين صوبن کي ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي مرتضیٰ جتوئي وڌيڪ چيو ته اين ايف سي ايوارڊ، معدنيات ۽ ٻين اهم معاملن کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون پڻ سامهون اچي رهيون آهن، جيڪي سنڌ جي حقن خلاف آهن هن چيو ته سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ پنجاهه سيڪڙو پئسا کائي ڇڏين ٿا، جنهن ڪري اهڙي سوچ پيدا ٿي آهي. 27ترميم وارو بل پيپلز پارٽي لاءِ وڏو امتحان آهي ته اڳتي هو ڇا رستو اختيار ڪن ٿا غلام مرتضیٰ جتوئي چيو ته پنجاب ۾ به ڪرپشن آهي پر سنڌ ۾ اها حد کان وڌيڪ وڌي وئي آهي مسٽر زرداري ‘ٽن پرسنٽ جي نالي سان مشهور ٿيو هو، پر هاڻي حالتون ان کان به بدتر آهن هن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ جي ترقياتي ڪمن ۾ وڏو فرق آهي جيڪو هر ڪنهن کي واضع نظر اچي ٿو. سندس تجويز هئي ته جيڪڏهن ڪرپشن ختم نٿي ٿي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سيڪڙو ليگل ڪئي وڃي جيئن ڪم ته بهتر ٿي سگهن هن وڌيڪ چيو ته پوليس هٿان نوجوانن جي کنڀجڻ جا واقعا وڌي ويا آهن جنهن ڪري سنڌ پوليس اسٽيٽ بڻجي وئي آهي. اسان جا جتوئي ڇوڪرا به جڏهن نڪرن ٿا ته پوليس بنا سبب ٻين ڪيسن ۾ کڻي وڃي ٿي غلام مرتضیٰ جتوئي چيو ته سنڌ سان اهڙيون زيادتيون ٿي رهيون آهن جيڪي ترخانن ۽ ارغونن جي دور ۾ به نه ٿيون. اڄ به سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن آخر ۾ هن طنزيه انداز ۾ چيو ته مون کي خبر ئي ناهي ته سنڌ جو گهرو وزير ڪير آهي؟ ڇا توهان اهڙي شخص کان رواداري جي اميد رکو ٿا جنهن کي رواداري جي اي بي سي تائين جي به خبر ناهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jan 2026
•
دلچسپ اور عجیب
ہرن کھڑکی توڑ کر بینک میں گھس گیا
30th Jan 2026
•
دلچسپ اور عجیب
اب انسان کی عمر 150 سال تک پہنچ سکتی ہے
30th Jan 2026
•
دنیا
عالمی سیکیورٹی پر خطرے کی گھنٹی: افغان طالبان دہشت گردی کے مرکز کے طور پر بے نقاب
30th Jan 2026
•
شوبز
جویریہ عباسی نے شوہر کے ساتھ بولڈ فوٹو شوٹ کر کے سوشل میڈیا پر ہنگامہ مچا دیا
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
حڪومت جون پاليسيون ملڪ کي وڌيڪ بحرانن ۾ وجھي رھيون آھن، پاڻي تي ڌاڙي جي مزاحمت ڪنداسين: اياز لطيف پليجو
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ ڀرسان گهر ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، الهه تلهه رک
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي سستا اٽي جا اسٽال قائم
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ٻن ڀائرن جو ڀائٽين کان لاتعلقي جو اظهار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
غلام مرتضيٰ جتوئي
شايد سنڌ سميت ٻين صوبن
0 تبصرے