دادو جي عوام کي صحت جون معياري سهولتون ڏيڻ لاءِ چيسٽ پين يونٽ قائم، ايم اين اي رفيق جمالي پاران دورو

يونٽ ۾ پنج ڪروڙ رپين جا جديد طبي اوزار لڳايا ويا آهن۔ شروعاتي مرحلي ۾ 20بسترن جي گنجائش رکي وئي آهي: رفيق احمد جمالي

دادو جي عوام کي صحت جون معياري سهولتون ڏيڻ لاءِ چيسٽ پين يونٽ قائم، ايم اين اي رفيق جمالي پاران دورو

دادو (رپورٽر) دادو جي عوام کي معياري صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ چيسٽ پين يونٽ قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو هيپاٽائٽس سينٽر جي عمارت جي گرائونڊ فلور جي مرمت ۽ تزئين کان پوءِ مڪمل طور تي آپريشنل بڻايو ويو آهي۔هي منصوبو قومي اسيمبلي جي ميمبر سردار رفيق احمد جمالي جي ذاتي ڪوششن جو نتيجو آهي۔ سردار رفيق احمد جمالي اڄ يونٽ جو تفصيلي دورو ڪيو، جتي ضلعي جي پارٽي ڪارڪنن، عوامي نمائندن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي۔ شرڪت ڪندڙن عوام لاءِ جديد طبي سهولت جي فراهمي تي سردار رفيق احمد جمالي جي هن قدم کي ساراهيو ۽ ان جو خيرمقدم ڪيو۔سردار رفيق احمد جمالي چيو ته يونٽ ۾ پنج ڪروڙ رپين جا جديد طبي اوزار لڳايا ويا آهن۔ شروعاتي مرحلي ۾ ويهه بسترن جي گنجائش رکي وئي آهي، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ يونٽ کي اپ گريڊ ڪري اينجيو پلاسٽي ۽ اينجيو گرافي جون سهولتون پڻ مهيا ڪيون وينديون۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته جيئن سندھ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊزيزز (SICVD) سيوهڻ، دادو کان لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ جي مفاصلي تي واقع آهي، تنهن ڪري هن يونٽ جي قيام سان مقامي مريضن کي فوري طبي امداد ملي سگهندي ۽ انهن کي ڊگهو سفر ڪرڻي تڪليف نه ٿيندي۔سردار رفيق احمد جمالي چيو ته سندھ حڪومت پارٽي قيادت جي هدايتن تحت عوام سان ڪيل واعدا پوري ڪري رهي آهي ۽ صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن۔ هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته يونٽ کي پندرهن ڏينهن اندر مڪمل طور آپريشنل بڻايو وڃي، ان سان گڏ چيسٽ پين يونٽ جي صفائي، نظم و ضبط ۽ مريضن جي سهولت تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن عوام کي بهترين طبي ماحول ملي سگهي۔