ڏوڪري ۾ گسٽا جي سڏ تي حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ۾ احتجاجي مظاهرو

ڊي اي او سيڪنڊري عبدالرشيد چانڊيي جي مقرريءَ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ڏوڪري ۾ گسٽا جي سڏ تي حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ۾ احتجاجي مظاهرو

ڏوڪري (رپورٽر) گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي سڏ تي گسٽا يونٽ گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ ڊي اي او سيڪنڊري عبدالرشيد چانڊيي جي مقرريءَ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ استادن ھٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي تعلقه صدر علي پٺاڻ، طفيل احمد سوھو، محمد ياسين ڪنڀر، عبدالغفور زھراڻي ۽ محمد حيات سومري جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ سنڌ حڪومت ڊي اي او سيڪنڊري لاڙڪاڻو جي خالي پيل اھم پوسٽ تي 19 گريڊ جو فل فليج، با اختیار، اھل ۽ تعليم دوست آفيسر مقرر ڪرڻ بدران 18 ھين گريڊ جي نا اھل آفيسر عبدالرشيد چانڊيي کي چارج ڏئي انتھائي غلط عمل ڪيو آهي. جنهن سان ضلعي جي اندر تعليمي نظام سخت متاثر ٿيندو. ھنن جو چوڻ ھو تہ عبدالرشيد چانڊيو سنڌ امپلائيز الائنس جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي، جڏهن تہ سنڌ امپلائيز الائنس جي تاريخي جدوجهد جاري آهي اھڙي صورتحال ۾ حڪومتي حلقن سان ساز باز ڪري عبدالرشيد چانڊيي جو پوسٽنگ وٺڻ وارو عمل موقعي پرستي ۽ تحريڪ سان غداريءَ جي مترادف آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته عبدالرشيد چانڊيو کي ھٽائي 19 گريڊ جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر جي انتظامي پوسٽ تي ھڪ اھل ۽ تعليم دوست آفيسر کي مقرر ڪيو وڃي.