ٽول جو عملو مقامي رهواسين، شاگردن ۽ مزدورن سان بدتميزيءَ سان پيش ٿو، عورتن سان به بدتميزي ڪئي وڃي ٿي: رهواسي
ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)جھرڪ ملان ڪاتيار پل تي غيرقانوني ٽول ٽيڪس عوام لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي، جتي عملدار مقامي رهواسين، شاگردن ۽ مزدورن سان بدتميزيءَ سان پيش اچن ٿا، جڏهن ته عورتن ۽ فيمليز سان به احترام جو رويو اختيار نه ڪيو وڃي ٿو.علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پل جي ٻنهي پاسن تان زبردستي ٽول ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ٿو، چاھي ڪو ڳوٺاڻو هجي يا شهري، هر ايندڙ ويندڙ کان پئسا وٺڻ معمول بڻيل آهي. عملدارن جي بدتميزي ۽ ڌمڪين سبب ماڻهن ۾ شديد بيچيني پکڙيل آهي.مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته پل تي نه ڪو تختو لڳل آهي، نه ئي ڪو سرڪاري نوٽيفڪيشن موجود آهي، پر ان جي باوجود روز هزارين گاڏين کان ٽيڪس ورتو وڃي ٿو. ڪيترائي ڀيرا اعتراض ڪرڻ تي ماڻهن سان تلخ ڪلامي ۽ زبردستي ڪئي وڃي ٿي.سماجي تنظيم تنوار ويلفيئر ايسوسيئيشن هن عمل کي غريب عوام سان زيادتي قرار ڏيندي انتظاميا کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته هي ٽول ٽيڪس ڪنهن به قانوني نظام تحت ناهي، بلڪه اثرائتي ماڻهن ۽ ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت سان عوام کي ڦرڻ جو اوزار بڻايو ويو آهي.قانوني ماهرن موجب، ٽول ٽيڪس تڏهن لاڳو ٿي سگهي ٿو، جڏهن حڪومت باقاعدي نوٽيفڪيشن جاري ڪري، رقم جي شرح ۽ استعمال جو طريقو مقرر ڪري، پر جھرڪ ملان ڪاتيار پل تي اهڙي ڪا قانوني اجازت موجود ناهي، جنهن ڪري اها وصولي مڪمل طور غيرقانوني آهي.عوام جو مطالبو آهي ته غيرقانوني ٽول ٽيڪس فوري ختم ڪري مقامي عوام جي تڪليف ۽ تذليل بند ڪئي وڄي، عملدارن جي بدتميزيءَ تي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ پلن جي سار سنڀال لاءِ شفاف نظام جوڙي عوام جو اعتماد بحال ڪيو وڃي.
0 تبصرے