English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڪستان فشر فوڪ فورم، انڊس ڪنشوريم ۽ گرين گرو جي گڏيل ميزباني هيٺ عوامي ٻڌڻي
74 views
|
02nd Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي ٻڌڻي ۾ ابراهيم حيدري سميت مختلف ساحلي علائقن مان وڏي تعداد ۾ مرد ۽ عورت مهاڻن جي شرڪت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم، انڊس ڪنشوريم ۽ گرين گرو جي گڏيل ميزباني هيٺ عباس ڪميونٽي هال مل جيٽي ۾ ماحولي تحفظ ۽ ساحلي علائقن ۾ LNG ٽرمينلن ۽ گيس جي تلاش خلاف عوامي ٻڌڻي ثي جنهن ۾ ابراهيم حيدري سميت مختلف ساحلي علائقن مان وڏي تعداد ۾ مرد ۽ عورت ماهيگيرن شرڪت ڪئي ميڙ کي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ، سينيئر وائيس چيئرپرسن فاطمه مجيد، ايوب شان خاصخيلي، طالب کچھي ۽ ٻين خطاب ڪيو اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ LNG، ڪوئلي ۽ تيل مان بجلي پيدا ڪرڻ سبب ماحولي آلودگي ۾ شديد اضافو ٿيو آهي، جنهن سان نه رڳو موسمياتي تبديليون تيز ٿي رهيون آهن پر انسانن ۾ سانس جي بيمارين ۽ ٻين جان ليوا بيمارين ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي۔سعيد بلوچ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته گيس کي LNG ۾ تبديل ڪرڻ دوران ان کي 262 ڊگري تائين ٿڌو ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ٻيهر گيس ۾ تبديل ڪرڻ جي عمل ۾ لڳ ڀڳ 6 سيڪڙو گيس ضايع ٿي ويندي آهي، جيڪا انساني صحت ۽ ماحول ٻنهي لاءِ خطرناڪ آهي۔فاطمه مجيد چيو ته LNG ٽرمينلن، ڪوئلي ۽ تيل جي منصوبن سبب ساحلي علائقن جي ماهيگير برادري جو روزگار خطري ۾ آهي۔ اسان جو مطالبو آهي ته حڪومت پاڪستان فوسل فيول جي نون منصوبن کي بند ڪري ۽ موجوده LNG معاهدن مان نڪري، جڏھن ته ملٽي ليٽرل بينڪن ۽ عالمي مالي ادارن کي پڻ اپيل آهي ته اهي LNG جي توسيع لاءِ مالي مدد بند ڪن۔رهبرن زور ڏنو ته ملڪ کي پائيدار توانائي ذريعن جهڙوڪ سولر ۽ ونڊ انرجِي ڏانهن منتقل ڪرڻو پوندو ته جيئن ماحول، انساني صحت ۽ روزگار جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
پاڪستان فشر فوڪ فورم
انڊس ڪنشوريم ۽ گرين گرو
0 تبصرے