مٺي ۾ فالج جي بيماري کان بچاءُ متعلق آگاهي واڪ منعقد

فالج جو مرض وڌي ويو آهي، 4مان هڪ ماڻھو کي فالج ٿيڻ عام ٿي ويو آھي: ڊاڪٽر جئه سنگهه راڻا

مٺي ۾ فالج جي بيماري کان بچاءُ متعلق آگاهي واڪ منعقد

مٺي (رپورٽر) مٺي ۾ فالج جي بيماري کان بچاءُ متعلق آگاهي واڪ منعقد ڪيو ويو. انهي موقعي تي ڳالهائيندي دماغي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر جئه سنگهه راڻا چيو ته سموري دنيا ۾ مختلف بيمارين جا ڏھاڙ ملهايا ويندا آھن ته جيئن انهن بيمارين متعلق وڌ کان وڌ ماڻھن کي آگاهي ملي ته جيئن هو احتياط ڪن ۽ باخبر هجن . هن چيو ته فالج جو مرض اڄڪلهه تمام گهڻو وڌيل آھي ۽ چار مان هڪ ماڻھو کي فالج ٿيڻ عام ٿي ويو آھي ماڻھن کي هن وڌندڙ بيماري متعلق وڌيڪ آگاهي هئڻ وقت جي ضرورت آھي فالج جو مختلف نشانيون هونديون آهن جنهن ۾ نظر ۾ اچانڪ گهٽتائي ، چهري جو ٽيڙو ٿيڻ يا جسم جي ڪنهن به حصي ۾ اچانڪ ڪا تبديلي اچي ۽ ڳالهائڻ ۾ ڏکيائي پيش اچڻ شامل آھن انهن نشانين جي سامهون اچڻ سان ته فوري طور تي مريض ايمرجنسي اسپتال پهچائڻ گهرجي ته جيئن ٽي کان چار ڪلاڪ اندر انهي جو علاج ٿي سگهي ۽ انهي کي بچاءُ واري انجيڪشن لڳائي هميشه جي معذوري کان بچائي سگهجي ٿو. بلڊ پريشر جو ڪنٽرول نه ٿيڻ ، موٽاپو ڪوليسٽرول جو مقدار وڌڻ ، سگريٽ نوشي ۽ ايئر پوليشن سبب فالج ٿيڻ جو خدشو هوندو آھي هاڻي فالج جو مڪمل علاج موجود آھي جنهن ۾ مريض کي اپاهج ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو.