English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير:شاه لطيف پوليس جي وڏي ڪارروائي، فحاشي ۾ ملوث گروهه بي نقاب
85 views
|
02nd Nov 2025
•
سنڌي خبرون
غريب عورتن کي لالچ ڏئي فحاشي تي مجبور ڪندڙ نيٽورڪ پڪڙجي ويو: پوليس
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاه لطيف پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي فحاشي جي ڌنڌي ۾ ملوث گروهه کي بي نقاب ڪري ڇڏيو۔ ڪارروائي دوران گروهه جي سرغنه عروج سميت پنج جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو اهي جڏهن ته هڪ عورت کي محفوظ تحويل ۾ ورتو ويو آهي۔ پوليس موجب گرفتار ٿيلن ۾ عروج، عبدالستار، عرفان، ڪنز ۽ مسڪان شامل آهن۔ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته گرفتار عروج گروهه جي اڳواڻ آهي، جيڪا مختلف علائقن مان غريب ۽ مجبور عورتن کي ڌوڪي ۽ لالچ ذريعي فحاشي لاءِ مجبور ڪندي هئي۔ جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته هي گروهه عورتن کي مالي مدد ۽ روزگار جا واعدا ڪري پنهنجي جال ۾ ڦاسائيندو هو پوليس موجب اٺ سال اڳ نواب شاهه جي رهواسڻ هڪ ذهني طور ڪمزور عورت لاپتا ٿي هئي، جنهن کي هن ئي گروهه پنهنجي مذموم مقصدن لاءِ استعمال ڪيو۔ شاه لطيف پوليس ٽارگيٽڊ ڪارروائي دوران مذڪوره عورت کي بازياب ڪرائي محفوظ تحويل ۾ وٺي ورتو آهي۔پوليس جي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن خلاف ضابطاڻي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جڏهنته وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ويجهو ڳوٺ غلام محمد مڱڻيجو ۾ نوجوان پاران مبينا آپگهات
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
ملير:شاه لطيف پوليس جي وڏي
0 تبصرے