روينيو ۽ پوليس جي ڪارروائي خلاف رهواسي عورتن ۽ ٻارڙن سميت روڊن تي نڪري آيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي سپر هاءِ وي ڀرسان اسڪيم 33 جي علائقي نور محمد ڳوٺ کي ڊاهڻ لاءِ ريوينيو کاتي، ضلعي اوڀر پوليس ۽ اينٽي اينڪروچمينٽ سيل هيوي مشينري سان گڏ پهچي آپريشن شروع ڪيو ته ڳوٺاڻا روڊن تي نڪري آيا ۽ انتظاميا جي ڪارروائي خلاف زبردست نعريبازي ڪئي۔ احتجاج ڪندڙن سپر هاءِ وي ڏانهن ويندڙ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جڏهن ته پوليس جا وڏا دستا به واقعي واري هنڌ پهچي ويا ان موقعي تي انتظاميا آپريشن اڌ م ڇڏي واپس هلي ويئي جڏهن ته ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته انتظاميا ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ لاءِ آئي آهي، جڏهن ته هي ڳوٺ سندن ذاتي ملڪيت آهي، جتي سندن بزرگ ڏهاڪن کان آباد آهن۔ڳوٺاڻن الزام هنيو ته عدالت ۾ ڪيس هلڻ جي باوجود انتظاميا بار بار ڳوٺ ڊاهڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي، جيڪا وڏي زيادتي آهي ڳوٺاڻي اڳواڻ نور خان برفت چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا اڳ به اهڙين ڪوششن جو مقابلو ڪيو آهي، اسان تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، پر اسان پنهنجي ڌرتي نه ڏينداسين هن جو چوڻ هو ته اسين مري وينداسين پر ڳوٺ خالي نه ڪنداسين،۽ مطالبو ڪيو ته انتظاميا فوري طور تي ڪارروائي بند ڪري، ۽ ڳوٺاڻن جي مالڪي جا حق تسليم ڪري۔
0 تبصرے