سائين خاور قبولائي- ھڪ شفيق استاد ۽ شاعر- سندس خدمتن جا 35 سال مڪمل..!

ماريه سليمان سولنگي

سائين خاور قبولائي- ھڪ شفيق استاد ۽ شاعر- سندس خدمتن جا 35 سال مڪمل..!

چيو ويندو آهي ته فن ۽ هنر اللَّه طرفان مليل هڪ ڏات ۽ نعمت آهي ۽ اها ڏات هر ڪنهن کي نصيب نه ٿيندي آهي، اها ڏات ڪنهن قسمت واري جي قسمت ۾ لکي ويندي آهي، ۽ پوءِ ان فن کي انسان پنهنجي ذهانت، صلاحيت ۽ خيالات کي پنھنجي فنڪارن ۾ ظاهر ڪندو آهي، مختلف فن جا ڏيک مختلف صورتن ۾ ڏيکاريا ويندا آهن. انسان پنهنجي فن کي نئين نئين ايجادات سان نمودار ڪندو آهي. هي زندگي ته ختم ٿيڻي آهي ليڪن فن مڪمل زندگي ۽ زندگي کان بعد به اجاگر ۽ يادگار رهي ٿو، جنهن کي ڪڏهن به فنا ۽ مات ناهي اچڻي.
انهن خاص ۽ قابل تعريف انسانن ۾ هڪ شخصيت سائين خاور قبولائي جي پڻ آهن، جنهن کي الله پاڪ ڪيترين ئي صلاحيتن سان نوازيو آهي، جنهن ۾ شاعري، نعت خواني، منقبت خواني، قصيده خواني ۽ ڪمپيئرنگ جو ڏانءُ بيحد وڻندڙ آھي، گڏوگڏ ڪيترائي ٻيا هنر پڻ رب پاڪ کيس عطا ڪيا آهن، تنھنڪري کين هڪ بهترين استاد، شاعر، اديب، ريڊيو ۽ اسٽيج ڪمپيئر طور سڃاتو وڃي ٿو.
سائين خاور قبولائي جي شخصيت لاء گھڻو ڪجھ لکي سگهجي ٿو پر آءٗ مختصر انداز ۾ سندن شخصيت ۽ سر انجام ڏنل خدمتن تي روشني وجھڻ لازمي سمجھان ٿي ۽ پنھنجي طور تي سندن فني ۽ ادبي تعارف پيش ڪيان ٿي.
سائين خاور قبولائي جو اصل نالو محمد موسي۱ سرگاڻي ولد استاد سڄڻ علي سرگاڻي (سڄڻ قبولائي) آھي، ادبي دنيا ۾ خاور قبولائي جي نالي سان مشھور ٿيا. ڄمڻ جي تاريخ پھرين اپريل 1971 ۽ ڄمڻ جو ھنڌ ڳوٺ سائين ڏنو جوڻيجو قبولو، تعلقو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻو آھي، ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيائون، مئٽرڪ جو امتحان 1986 ۾ گورنمينٽ ھاء اسڪول راڌڻ مان پاس ڪري 1989۾ گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪري مان انٽر ڪلاس پاس ڪيائون، کين پاڪ آرمي ۾ وڃڻ جو تمام گهڻو شوق هيو پر ڪجهه ئي عرصي دوران 1990 ۾ تعليم کاتي ۾ هڪ پرائمري استاد طور نوڪري ملي وئي، بعد ۾ نوڪري ڪرڻ دؤران 1995 ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان بي جو امتحان پاس ڪيائون، اتان ئي اردو ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائون، 2001 جي آگسٽ مھيني ۾ بي ايڊ به سيڪنڊ ڪلاس ۾ ڪري ورتائون.
سائين خاور قبولائي جي لکڻ پڙھڻ ۽ شاعري جي هنر تي نظر ڪئي وڃي ته پاڻ مڊل اسڪول عثمان ڪلھوڙي ۾ پڙھڻ کان ئي لکڻ پڙھڻ شروع ڪيو هيو ۽ هڪ مڊل اسڪول جو شاگرد جيڪو اڃا پنهنجي پاڻ لاء به ڪا شعوري سوچ سمجھ نه پيو رکي سو ان جي بر عڪس، شين کي مختلف ۽ منفرد انداز ۾ ڏسڻ ۽ انهن تي سوچڻ لڳو ائين ان جي سوچ ويچار ۾ واڌ آئي ته ڪنھن قدر کيس لکڻ پڙهڻ ۽ شاعري جي شوق جي شڪل نظر آئي ۽ 1990 کان بي ترتيب شوقيہ شاعري جو ڪم شروع ڪيو تنھن بعد 1991 کان تمام گهڻي محنت ۽ لگن سان لفظن کي گڏ ڪرڻ لڳو.
سائين خاور قبولائي جو پھريون شعر ٻاراڻو نظم 1995 ۾ سنڌي ادبي بورڊ مان نڪرندڙ ٻارڙن جي رسالي گل ڦل ۾ ڇپيو ان سان گڏ، ساڳئي ئي اداري مان نڪرندڙ عورتن جي رسالي سرتيون رسالي ۾ به شاعري شايع ٿي، ھاڻي تائين سنڌي ادبي بورڊ جي ھڪ مڪمل تاريخي ۽ ادبي رسالي ٽہ ماھي مھراڻ ۾ بہ سائين خاور جي شاعري شايع ٿيڻ لڳي، ان کان سواءِ ٻين رسالن جھڙوڪ ، نئين زندگي، ڪينجهر، ادب، نئين سوچ، پورب، نئون نياپو ۽ عبرت مئگزين پڻ شامل آهن۔ شعر و شاعري جي ان سفر دوران سائين جن ڪافي حد تائين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي ۽ ماڻهن تائين پنهنجا خيالات پهچائي ورتا. شاعري کان علاوہ ڪجھ تاثر ۽ مختلف شخصيتن بابت مضمون ۽ مقالا پڻ مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻيا آھن.
سائين خاور قبولائي جي زندگي جا ڪي ٻيا پاسا به آھن جن تي به ڌيان ڇڪايان ٿي. سائين خاور قبولائي جن جي ڳائڻ، جي فن تي نظر ڪئي وڃي ته ان ۾ سائين جن کي حد کان گهڻي مهارت حاصل آهي جيڪا ڏات ڪنهن چڱي ڀلي جي وس جي ڳالهه ڪونه آهي ۽ سائين اهو ڳائڻ جو ڪم پنهجي ٻاراڻي عمر کان شروع ڪيو پرائمري اسڪول ۾ نعت خواني شروع ڪئي ۽ دل و جان سان سريلي آواز ۾ نعت رسول مقبول پڙهڻ شروع ڪئي ۽ ائين ئي انهن کي ڳائڻ ۾ دلچسپي وڌندي وئي ۽ هو هر وقت دل ئي دل ۾ نظم، غزل، ۽ گيتن کي جهونگارڻ لڳا جنهن سان انهن جي اڃا چاه ۽ لگن وڌندي وئي ۽ کين وقت سان گڏ بهترين نعت خوانن ۽ بهترين انداز ۾ ڳائڻ وارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
سائين خاور قبولائي 1992 ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ راڌڻ ۾ ميمبر بڻيا ۽ هلندي هلندي اتي سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر جي عھدي تي به رھيا. ائين دادو ضلعي جي ادبي تنظيمن سان ميل جول ۽ پروگرامن ۾ اچڻ وڃڻ لڳا خاص طرح بزم لطيف ٿرڙي محبت ۽ بزم لطيف ميھڙ سان گھڻي طرح ويجھڙائي ۾ رھيا. 1997 ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادبي پروگرام رسالي ۾ ھڪ شاعر طور شامل ٿيا، انٽرويو ڏيڻ دوران سائين خاور قبولائي سڀني کي پنهنجي انداز گفتگو سان متاثر ڪري ورتو ۽ ان وقت اتي ئي هڪ ريڊيو پروڊيوسر سر آغا محمد علي ريڊيو تي ڪم ڪرڻ لاء آڇ ڪئي. ۽ سائين جن ريڊيو تان نشر ٿيندڙ ان ئي ھفتيوار ادبي پروگرام رسالي ۾ ( ادبي خبرنامو) پيش ڪرڻ شروع ڪيو، 2007 کان ھن وقت تائين ، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي سينيئر انائونسر ۽ ڪمپيئر طور خدمتون انجام ڏئي رھيا آھن. پاڻ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان مختلف پروگرام ڪري چڪا آھن، جن ۾ پروگرام اوھان جي فرمائش، ريڊيو ھيلپ لائين، لوچيندڙ لھن، سنئين واٽ، سونھن سمبارا، تارن ڀري رات، سرمئي شام، سائي ڌرتي، ريڊيو ميل باڪس ۽ ٻيا ڪافي پروگرام ڪري چڪا آھن ۽ ھا سندن چواڻي موجب ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو مقبول پروگرام شعر ۽ نغمو ته سندن سڃاڻپ بڻجي ويو آھي، ھي پروگرام لڳ ڀڳ ستن سالن کان ڪندا پيا اچن.
سائين خاور جا ادبي استاد، سڄڻ علي سڄڻ قبولائي ۽ سائين عاجز سرگاڻي پڻ آهن سندن چوڻ آهي ته هو بچپن کان ئي پنهنجي بابا سائين سان مختلف مشاعرن ۾ ويندا رهيا ۽ پنهنجي بابا جو انداز بيان، ۽ کين ملندڙ حد کان گهڻي عزت ڏسي پنهنجي بابا مان تمام گهڻو متاثر ٿيا ۽ کين انهن جي نقش قدم تي هلي ڪري انهن وانگر ئي عزت ۽ مقام حاصل ڪرڻ جو اتساھ پيدا ٿيو ۽ شعر و شاعري کي گهڻي ترجيح ڏيڻ لڳا، بچپن کان ئي شاه جي رسالي سان چاھ رھيو اٿن، مڊل اسڪول کان ئي ڪتاب پڙهڻ کي تمام گهڻي ترجيح ڏني اٿن، جنهن ۾ ڪيترا ئي ڪتاب ۽ رسالا، سفر نامن، ڪھاڻين ۽ شاعري جي ڪتابن جو مطالعو ڪيو اٿن. سائين خاور قبولائي علمي ادبي خدمتن عيوض کوڙ سارا اعزاز ماڻيا آهن، انھن ۾ خاص طرح ھي قابل ذڪر آهن، ضلعي حڪومت لاڙڪاڻي پاران 2005 ۾ تعلقي ڏوڪري جو بيسٽ ٽيچر اوارڊ ۽ 2023 ۾ گورنمينٽ سينٽ جوزف ھاء اسڪول لاڙڪاڻي جي چيف ھيڊ ماستر سائين اختر حسين ڪوريجي طرفان بيسٽ ٽيچر اوارڊ ماڻيائون، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان بھترين انائونسر جو اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران سنڌي ادبي سنگت ضلعي لاڙڪاڻي جي بھترين شاخ جو اوارڊ 2023 ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي اجلاس دؤران ڀٽ شاھ تي مليو. سنڌ بواء اسڪائوٽ پاران اسڪائوٽنگ جي عالمي ڏينھن تي اوارڊ مليو ۽ تازو سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ھال ۾ بزم روح رھاڻ پاران ٽين جشن روح رهاڻ دؤران ھڪ شاعر طور مڃتا اوارڊ 2025 ۾ واحد ڪانڌڙي پاران، نامياري ليکڪه پروفيسر ڊاڪٽر سحر امداد ۽ نامياري ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر محترم نصير مرزا ھٿان مليو.
سائين خاور قبولائي کي مون گورنمينٽ سينٽ جوزف ھاء اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙھڻ دؤران تمام ويجھڙائي سان ڏٺو آهي، ھو منھنجو بھترين ۽ آئيڊيل استاد رھيو آھي، مون سندن ڪيترائي ڪارائتا ليڪچر مختلف ڪلاسن ۾ ڏيندي ٻڌو ته استاد ھڪ عظيم ھستي جو نالو آھي، پيءُ فقط پيءُ ھوندو آھي، ماءُ فقط ماءُ ھوندي آھي پر استاد کي ھڪ ئي وقت ٽي مختلف رشتا ملن ٿا، استاد پيءُ به آھي، استاد ماءُ به آھي ۽ استاد، استاد به آھي. سندس پيغام ھميشه اھو رھيو آھي ته سچ چئو، سچ ٻڌو ۽ سچ برداشت ڪيو. ھي ھڪ اھڙو پيغام آھي، جنھن تي عمل ڪجي تہ جيڪر سڄو سماج سُڌري پوي!