English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ڪالجن ۾ هم نصابي سرگرمين کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ “اسپورٽس وِيڪ” ملهائڻ جو فيصلو
views
|
30th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
رانديون ۽ مثبت سرگرميون شاگردن جي ذهني ۽ جسمي واڌ ويجھ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون: نديم ميمڻ
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي پاران صوبي جي سمورن ڪالجن ۾ تعليم سان گڏ هم نصابي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ سياري جي موسم دوران “اسپورٽس وِيڪ” ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اھڙو فيصلو سڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ جي صدارت ۾ لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص ريجنز جي ٿيندڙ الڳ الڳ اجلاس ۾ ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز سنڌ نويد رب صديقي، ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو پروفيسر الطاف حسين ابڙو، ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپورخاص سميت کاتي جا ٻيا آفيسر پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ٻنھي ريجنز جي ڪاليجن جي تعليمي، انتظامي ۽ هم نصابي سرگرمين بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ سڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ چيو ته تعليم سان گڏ هم نصابي سرگرمين کي ھٿي وٺرائڻ انتهائي ضروري آھي، ڇوتہ رانديون ۽ مثبت سرگرميون شاگردن جي ذهني ۽ جسمي واڌ ويجھ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، ھن ھدايت ڪئي ته سياري جي موسم دوران سڀئي ريجن پنھنجو تفصيلي شيڊول جاري ڪن، جن ۾ فٽبال، ڪرڪيٽ، والي بال، بيڊمنٽن، ايتھليٽڪس، ٽيبل ٽينس ۽ ٻيون رانديون شامل ڪيون وڃن، سڪريٽري ڪاليجز چيو ته رانديون نوجوانن کي صحتمند طرزِ زندگي ڏانھن راغب ڪن ٿيون، انھن ۾ ٽيم ورڪ، نظم و ضبط ۽ اڳواڻيءَ جون صلاحتون پيدا ڪن ٿيون، ھن وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي اسڪرين ٽائيم گھٽ ڪرڻ جي تلقين ڪرڻ استادن جي ذميواري آھي، ذهني صحت جي مسئلن کي سمجھڻ ۽ اھڙن مسئلن کي گھٽائڻ لاءِ ڪاليجن ۾ ڪائونسلنگ سيشن رکيا وڃن، شاگردن ۾ مطالعو وڌائڻ لاءِ روزانو ھڪ ڪلاس لائبريري ۾ پڙھائڻ لاءِ مقرر ڪئي وڃي گڏوگڏ تقرير، مضمون نويسي ۽ ڊراميٽڪ سرگرمين ذريعي شاگردن جي تخليقي صلاحيتن کي اڀاريو وڃي۔ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته لاڙڪاڻو ريجن ۾ ضلع لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا ضلع شامل آھن۔ ريجن ۾ ھن وقت 37 فعال ڪاليجز ڪم ڪري رھيا آھن، جن ۾ مجموعي طور 59,411 شاگرد ۽ شاگردايون تعليم حاصل ڪري رھيا آھن۔ ان کان علاوه، 7 ڪاليجن ۾ چار سالا ڊگري پروگرام ھلي رھيا آھن، جيڪي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سان الحاق ٿيل آھن۔ اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته ميرپورخاص ريجن ۾ ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جا ضلع شامل آھن۔ ريجن ۾ 33 فعال ڪاليجز آھن، جن ۾ 38,761 شاگرد ۽ شاگردايون تعليم حاصل ڪري رھيا آھن۔ انھن مان 12 مرد ڪاليجز، 12 عورتن جا ڪاليجز ۽ 9 ڪوايجوڪيشن ڪاليجز شامل آھن۔ سال 2020 کان 2025 تائين ريجن ۾ 15 نوان ڪاليجز قائم ڪيا ويا آھن، جڏھنتہ ڪاليجن جي انتظام ھيٺ 6 هاسٽلن ۾ پري پٿرن علائقن مان ايندڙ شاگردن ۽ استادن لاءِ رھائش جون سهولتون موجود آھن۔ سڪريٽري ڪاليجز نديم ميمن مٺي ۽ ٿرپارڪر جي ڪاليجن جي واکاڻ ڪندي چيو ته عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جا ڪالج مثالي نموني سان سرگرم آھن ۽ هتي جا شاگرد يونيورسٽين جي داخلا ٽيسٽن ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري پڻ ڏيکاريندا آھن جيڪا ھتان جي استادن لاءِ فخر جي ڳالھ آھي، ھن اھا پڻ ھدايت ڪئي ته سڀني ترقياتي اسڪيمز کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن تعليمي سهولتن ۾ وڌيڪ بھتري آڻي سگھجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Oct 2025
•
پاکستان
این ایف سی کی جانب سے سال 2025 کی چیمپین شپ کا پورے پبلک مشن کا انعقاد
30th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ضلعي نوشھرو فيروز ۾ امن وامان جي صورتحال ..!!
30th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ بار ڪائونسل جون چونڊون تياريون ۽ جوش و خروش..!!
30th Oct 2025
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل نے جنوبی پنجاب کو خصوصی اختیارات دے دیے، علاقائی ترقی و سہولت کے نئے دور کا آغاز
30th Oct 2025
•
پاکستان
این ایف سی کی جانب سے سال 2025 کی چیمپین شپ کا پورے پبلک مشن کا انعقاد
30th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
کھڙا ۾ غريب مسڪين مستحق ماڻهن ۾ زڪوات جا امدادي چيڪ ورهائڻ واري تقريب
30th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جنگشاهي ۾ اسڪول جي نئين عمارت جو ڪم ٽن سالن کان رولڙي جو شڪار
30th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سڪريٽري ڪاليجز نديم ميمن
جي صدارت ۾ لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص ريجنز جا ڌار ڌار اجلاس ٿيا
نديم ميمڻ
0 تبصرے