آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن جو وفد ڪيمپ تي پهتو، ملازمن سان يڪجهتي جو اظهار
شڪارپور (احسان ابڙو ) شيخ اياز يونيورسٽي جي ملازمن سان آپڪا جو يڪجهتي جو اظهار،شڪارپور، آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن (اپڪا) ضلعہ شڪارپور جو هڪ وفد، ضلعي صدر عبدالوهاب ڪاغذي جي اڳواڻي ۾، شيخ اياز يونيورسٽي ۾ هلندڙ احتجاجي تحريڪ ۽ ملازمن جي جائز مطالبن جي حمايت ۾ قائم ڪيل احتجاجي ڪيمپ تي پهتو. وفد ۾ عبدالوهاب ڪاغذي، مجاهد حسين لانگاھ، نظير حسين شاهه، شفيق احمد شيخ، اغا شعيب خان پٺان، شاھد حسين ميمڻ، عزيز علي قريشي، اشتياق احمد سومرو، شيراز احمد ڪيهر، غلام ياسين ڀٽو، اعجاز احمد عباسي ۽ مگھن علي پيرزادو شامل هئا. اپڪا اڳواڻن يونيورسٽي جي ملازمن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته ملازمن جي جائز حقن لاءِ جاري جدوجهد ۾ هو سندن مڪمل حمايت ڪن ٿا. ان موقعي تي شيخ اياز يونيورسٽي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن شڪارپور جي صدر سيد گدا حسين شاهه، جنرل سيڪريٽري شمن علي شيخ، سيد فھيم علي شاهه ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ڊي. پي. سي. ڊپارٽمينٽ پروموشن ڪميٽي جي نتيجن ۾ شفافيت نه هجڻ سبب ملازمن ۾ بيچيني وڌي رهي آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ (ريگيولرائيزيشن) ۽ گريڊ 16 جي اسسٽنٽن جي پروموشن بابت به انتظاميه غفلت جو مظاهرو ڪري رهي آهي، جنهن سان يونيورسٽي جي ساک متاثر ٿي رهي آهي. انهن مطالبو ڪيو ته ملازمن جا مسئلا جلد حل ڪيا وڃن، ته جيئن ادارو ۽ ان جو ماحول بهتر بڻجي سگهي. اپڪا اڳواڻن زور ڏئي چيو ته هو يونيورسٽي ملازمن جي حقن لاءِ جاري تحريڪ ۾ ساڻن ڪلهي سان ڪلهو ملائي گڏ آهن، ۽ مطالبن جي مڃتا تائين مشترڪا جدوجهد جاري رکندي.
0 تبصرے