English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس جي ڪارروائي۔دڪان مان ڌاڙو هڻندڙ ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
307 views
|
29th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
رحيم نوهڙيو جي دڪان مان ڌاڙو هڻندڙ جوابدارن شهمير ميمڻ ۽ امام بخش خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو آهي: پوليس
ٺٽو(ڊ ر)ٺٽو پوليس جي ڪامياب ۽ دبنگ ڪارروائي۔ڪجهھ ڏينهن اڳ رحيم نوهڙيو جي ڊبل AA انٽرپرائز ايجنسي مان ٿيل ڪيش ڦرلٽ واري واردات ۾ ملوث ٻه مرڪزي جوابدار گرفتار، جوابدارن وٽان 50 هزار رپيا نقد رقم ۽ ٻه موبائل فون به هٿ ڪري ورتا ويا، جڏهن ته ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔تفصيل موجب مورخه 22 آڪٽوبر 2025ع تي ڏينهن جو ٻن نامعلوم هٿياربندن ٺٽو جي شيرا زي محلي ۾ رحيم نوهڙيو جي ڊبل AA انٽرپرائز ايجنسي مان هٿيارن جي زور تي 1 لک 90 هزار رپيا نقد رقم ۽ ٻه موبائل فون ڦر ڪري، پنهنجي ٻن ساٿين سان گڏ ٻن 125 موٽر سائيڪلن تي فرار ٿي ويا هئا۔ ان واقعي جو ڪيس نمبر 364/2025، سيڪشن 392، 397، 34 تعزيراتِ پاڪستان تحت متاثره جي ڀاءُ محمد امجد ولد عبدالستار نوهڙيو جي مدعيت ۾ ٿاڻي ٺٽو تي داخل ڪيو ويو۔ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراني واقعي جو نوٽيس وٺندي، سينيئر آفيسرن تي ٻڌل جاچ ٽيم جوڙي، جنهن ۾ ڊي ايس پي وحيد بيگ لاڙڪ (ايس ڊي پي او ٺٽو)، ايس ايڇ او ماجد علي ڪورائي، ٽيڪنيڪل ٽيم انچارج ڊي آءِ سي انسپيڪٽر فيصل شفيع ميمن، انچارج 15 مددگار بيس ٺٽو سب انسپيڪٽر راجا ظفر راجپوت، ۽ پوليس پوسٽ بگھاڙ موري جو ايس آءِ شاھ رخ کنڀاٽي شامل هئا۔جاچ دوران ٽيم محنت ۽ لگن سان ڪيس ٽريس ڪندي سولنگي سروس ڀرسان ڪامياب ڪارروائي ڪري ٻن مرڪزي جوابدارن شمير ولد محمد شريف ميمن ۽ امام بخش ولد عرس خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو۔ابتدائي جاچ ۾ جوابدارن وٽان 50 هزار رپيا نقد رقم ۽ ٻه موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهنته جوابدارن دورانِ جاچ انڪشاف ڪيو آهي ته هو ٺٽو، بدين، ملير ۽ ٻين ضلعن ۾ به ڦرلٽ ۽ ڏوهن جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن، جن جو ڪرمنل رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي۔پوليس جوابدارن جو ريمانڊ حاصل ڪري وڌيڪ جاچ جاري رکي آهي، جڏهن ته سندن ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن۔ايس ايس پي ٺٽو پاران ڪيش ڦرلٽ جي ڪيس ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي سموري ٽيم کي شاباش ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو پوليس جي ڪارروائي
0 تبصرے