سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ ماڻهن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي: رياض شاهه شيرازي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) اوقاف، عشر زڪوات ۽ مذهبي معاملن واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي سول اسپتال مڪلي جو تفصيلي دورو ڪيو. ان موقعي تي هُن اسپتال ۾ زير علاج مريضن جي عيادت ڪئي ۽ طبي سهولتن بابت معلومات حاصل ڪئي. صوبائي وزير ايمرجنسي وارڊ، او پي ڊي، ليبارٽري ۽ مختلف اسپيشلائيزڊ يونٽن جو معائنو پڻ ڪيو ۽ مهيا ڪيل صحت جي سهولتن جو جائزو ورتو. هُن اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته مريضن کي بهتر علاج ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي. سيد رياض حسين شاهه شيرازي چيو ته سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ ماڻهن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسپتالن ۾ جديد طبي سامان، معياري دوائون ۽ تربيت يافته عملي جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ته جيئن شهري پنهنجي گهرن جي ويجهو معياري علاج حاصل ڪري سگهن. ان موقعي تي اسپتال جو ايم ايس، ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ٻيو عملو پڻ موجود هو. ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته عوامي خدمت جو جذبو صحت جي شعبي جو اصل روح آهي جنهن کي برقرار رکڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.
0 تبصرے