نوشهروفيروز (ڊ ر) سڄي پاڪستان وانگر نوشهروفيروز ۾ به ڪشميري عوام سان يڪجهتي لاءِ اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس نوشهروفيروز کان مين روڊ تائين ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون صدام حسين ميمڻ جي اڳواڻي ۾ هڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ضلعي جي سڀني کاتن جي آفيسرن ۽ عملي، مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن ،استادن ۽ شھرين شرڪت ڪئي. ريلي جي آخر ۾ ڪشميري عوام جي آزادي لاءِ دعا جي تقريب منعقد ڪئي وئي. ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر صدام حسين ميمڻ چيو ته هر سال 27 آڪٽوبر تي پاڪستاني عوام ڪشميري عوام سان يڪجهتي لاءِ ڪارو ڏينهن ملهائيندا آهن. هن ڏينهن تي ڀارتي فوجون غير قانوني ۽ غير اخلاقي طور تي ڪشمير وادي تي قبضو ڪري چڪيون آهن ۽ ڀارتي فوجون ڪشميري عوام تي ظلمن جا جبل ڪيرائي چڪيون آهن. ڀارتي ظلم اڄ تائين جاري آهن ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي وئي آهي. اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن تي ٿيندڙ ظلمن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته جيستائين ڪشمير جو مسئلو حق خود اراديت جي تحت حل نه ٿيندو، پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي جدوجهد ثمر آور ٿيندي ۽ ڪشميري عوام کي آزادي جو حق ملندو. پاڪستاني عوام دنيا جي هر فورم تي ڪشمير جي مسئلن کي اجاگر ڪندو رهندو.
0 تبصرے