English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جي يو آئي طرفان ملير ۾ بدامني خلاف ۽ ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاج جو اعلان
158 views
|
27th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ٽائون انتظاميا بجيٽ هڙپ ڪري ڇڏي آهي: عبدالقيوم صديقي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جمعيت علماء اسلام (جي يو آئي) گڏاپ ٽائون پاران ملير ۾ وڌندڙ بدامني، بيروزگاري ۽ ترقياتي ڪمن جي مڪمل اڻهوند خلاف 2 نومبر کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پرهجوم هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آئي گڏاپ ٽائون جي امير مولانا عبدالقيوم صديقي، جنرل سيڪريٽري حمدالله حقاني، نائب امير مولانا عبدالماجد، مولانا صبغت الله لاکو، مفتي عبدالشڪور بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ملير ضلعو، جيڪو گڏاپ، موئيدان، گهگهر، ابراهيم حيدري ۽ ڀٽائي آباد تائين ڦهليل آهي، ان ۾ لڳ ڀڳ 24 لک ماڻهو بلدياتي نظام جي ٽن سالن مڪمل ٿيڻ باوجود بنيادي سهولتن، امن امان ۽ ترقياتي ڪمن کان محروم آهن اڳواڻن الزام هنيو ته گڏاپ ٽائون انتظاميا گذريل ٽن سالن دوران ڏهه ارب روپين جي بجيٽ هڙپ ڪري ڇڏي آهي، پر عوامي ڀلائي جا ڪي به نمايان ڪم سامهون ناهن آيا۔ هنن چيو ته يوسي صالح محمد، گهگهر ۽ گلشن حديد سميت ڪيترين ئي آباديّن ۾ رهواسي اڃا تائين پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن، جڏهن ته ٽائون انتظاميا قومي شاهراهه تي ڌار ڌار ٽيڪس چيڪ پوسٽون قائم ڪري ٻٽو ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي پريس ڪانفرنس ۾ اڳواڻن چيو ته صالح محمد ڳوٺ جي غريب آباد ۾ لڳ ڀڳ 500 گهر ۽ هزارين رهواسي پاڻي، بجلي ۽ گئس جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهن، جڏهن ته ان ئي علائقي مان چونڊيل چيئرمين طارق بلوچ مڪمل طور بيپرواهه آهي جي يو آئي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملير ۾ پوليس عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ڏوهارين جا راڄ آهن، ۽ پوليس پاڻ به قتل ٿيڻ لڳي آهي۔ پوليس سڄو ڏينهن ڀتي وصولي ۾ مصروف آهي، جڏهن ته شهري ڏوهارين جي ور چڙهيل آهن، اڳواڻن پاران پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ويو ته جيڪڏهن ٽائون انتظاميا، چونڊيل نمائندا ۽ ضلعي آفيسر عوام جا بنيادي مسئلا حل نه ٿا ڪن، ته 2 نومبر کان گلشن حديد ۾ الخدمت اسپتال کان الله والي چوڪ تائين هزارين ماڻهن تي مشتمل ريلي ڪڍي تحريڪ جو باقاعده آغاز ڪيو ويندو ان موقعي تي جي يو آئي گڏاپ ٽائون جا اڳواڻ محمد اسلم، عطا الله بلوچ، مولانا محمد احسن، قاري عنايت الله عباسي، قاري ثناء الله عثماني ۽ ٻيا پڻ موجود هئا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Apr 2026
•
شوبز
جعلی تصاویر فحش ویب سائٹ پر دیکھ کر شدید صدمہ ہوا: جہانوی کپور کا انکشاف
06th Apr 2026
•
سندھ
حیدرآباد: آغا خان میٹرنل اینڈ چائلڈ کیئر سینٹر کی جانب سے ایک مفت طبی تشخیصی کیمپ کا انعقاد
06th Apr 2026
•
سندھ
موجودہ صورتحال کے پیش نظر پاکستانی سرمایہ کاروں کے لئے جامع معاشی پالیسی بنانے کی ضرورت ہے جمشید بشیر
06th Apr 2026
•
سندھ
کراچی؛ الغوثیہ ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کی جانب سے سالانہ پارٹی کا اہتمام
06th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڪراچي پوليس پاران هفتي 940 کان وڌيڪ جوابدار گرفتارڪرڻ جي دعويٰ
06th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ لکين خاندان غربت جي لڪير کان ھيٺ ھليا ويا آھن: اياز لطيف پليجو
06th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت جي اعلان باوجود ڏوڪري جو خريداري سينٽر نه کليو، آبادگار پريشان
06th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران بلڊ ڊونيشن وارڊ جو افتتاح
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
جمعيت علماء اسلام (جي يو آئي) گڏاپ
0 تبصرے