پاڪستان ڪنزرويٽو پارٽي جو مرڪزي چيئرمين دانش چنا، ڪراچي جو صدر حسين مگسي ۽ جبار خاصخيلي عوامي پريس ڪلب پهتا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان ڪنزرويٽو پارٽي جي مرڪزي چيئرمين دانش چنا ۽ ڪراچي جي صدر حسين مگسي ۽ جبار خاصخيلي عوامي پريس ڪلب ملير جو دورو ڪيو، جتي هنن صحافين سان ملاقات ڪئي ۽ پريس ڪلب جي عهديدارن کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ان موقعي تي پارٽي اڳواڻن ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال بابت پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ قانون، انصاف، تعليم ۽ صحت سميت بنيادي انساني حقن ۽ سهولتن جو سخت بحران آهي انهن چيو ته پارليامينٽ ۾ ويٺل سياسي ۽ مذهبي جماعتن جا چونڊيل نمائندا عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران صرف تقريرن ۽ لفاظي سان وقت گذاري رهيا آهن، جنهن سبب عوام ۾ ڪاوڙ ، غصو ۽ مايوسي وڌي رهي آهي۔دانش چنا چيو ته ملڪ جي مسئلن جو واحد حل نظامِ مصطفیٰ جي نفاذ ۾ لڪل آهي۔ ڪنزرويٽو پارٽي اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيو ۽ پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال به ڪئي، جنهن سان ڪيترائي مسئلا اجاگر ٿيا، پر جدوجهد اڄ تائين جاري آهي هن وڌيڪ چيو ته هي جدوجهد جبر، ناانصافي ۽ استحصالي نظام خلاف آهي۔ اسان جو مقصد اقتدار حاصل ڪرڻ نه پر عوام کي انصاف، برابري ۽ بنيادي حق دلائڻ آهي پارٽي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن، مهانگائي ۽ بيروزگاري عام ماڻهوءَ جي زندگي کي اجيرن بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهنته حڪمران طبقا پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ قوم کي ورهائي رهيا آهن۔ وقت اچي ويو آهي ته عوام پاڻ پنهنجو فيصلو ڪري، ڇوتہ هي ملڪ ڪنهن شخص يا خاندان جي ملڪيت نه پر 24 ڪروڙ ماڻهن جي امانت آهي هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪنزرويٽو پارٽي عوامي طاقت تي يقين رکي ٿي، ۽ هر شهر، ڳوٺ ۽ وسندي ۾ پنهنجي تنظيم کي منظم ڪري رهي آهي ته جيئن هڪ نئين سياسي سوچ ۽ ايماندار قيادت کي اڳتي آڻي سگهجي آخر ۾ دانش چنا ۽ حسين مگسي چيو ته ميڊيا معاشري جو آئينو آهي ۽ صحافين جي آزادي جمهوريت جي بقا لاءِ لازمي آهي۔ هنن عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافين جي خدمتن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ميڊيا حق ۽ سچ جي حمايت جاري رکندي۔
0 تبصرے