ڪنري ويجهو صوفي بزرگ ڏاڏو شاهو فقير رند جو عرس ملهايو ويو

حاجي ميان حسن شاھ سيد شفيع محمد شاھ قاسماڻي ۽ ٻين مزار تي حاضري ڀري

ڪنري ويجهو صوفي بزرگ ڏاڏو شاهو فقير رند جو عرس ملهايو ويو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ڪنري لڳ صوفي بزرگ ڏاڏو شاهو فقير رند رحہ جو ساليانو عرس مبارڪ سينيئر اسپيشل سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي حاجي ميان حسن شاھ سيد شفيع محمد شاھ قاسماڻي حاجي غلام رسول رند ميرعلي گوهر ٽالپر اڪرم رند سيئر صحافي عبدالمجيد ميمڻ سينئرصحافي فداحسين حيدري زاهيدحسين بخش رند کرڇيلو فقير نظر محمد رند ۽ سوين مريدن عقيدت مندن۽شاهواڻي رندبرادري ۽ ڪهيري ۽ ٻين برادرين کان علاوه سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آئل عقيدت مدن سان گڏجي جلوس جي صورت ۾ درگاه شاهو فقيرجي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙهي ملڪ۽قوم جي ترقي۽سلامتي لاء دعائون گهري عرس مبارڪ جي تقريب محفل درود سلام نعت مهالوت شريف جي محفل جو آغاز ڪيو جڏهين ته مهالوتين پاران مهالوت شريف پڙھندي آقاء دو جهان سيدسردار حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه و آل وسلم جي شان بيان ڪئي جڏهين ته دورش صفت بزرگ قبله سيد شفي محمد شاھ قاسماڻي پڻ درود سلام سان تقريب کي خطاب ڪندي آقاء دوجهان حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآل وسلم جو شان بيان ڪئيو ۽ دعائون ڪيون جڏهين تا محفل نعت درود سلام جي مهمان خاص ٿرسڌ جي مشهور۽ معزز سخي سادات خاندان جي انسايت دوست سپوٽ۽لائق فرد قبله سيد حاجي ميان محمدحسن شاھ (اسپشل سيڪريٽري سنڌ اسمبلي) قبله سيد حاجي ميان محمدحسن شاھ هين نوراني محفل کي خطاب ڪندي هڪ مشھور شير پڙهندي چيو ته نهين وارن جي نياپ تي هليا آئياسين ناهليواسان تي ڪنهين شهنشاھ جوحڪم پيار وارن جي نياپن تي ھليا آئياسن۔ قبله سائين وڌيڪ چيو تا جهان فاني آھي هر ڪهين کي وڃڻوآھي انسان اشرفت المخلوقات اسان کي کپي تا هڪ ٻي سان يار ۽ محبت ڪريون ۽ احترام ڪريون آقاء دوجهان الله پاڪ جي محبوب محمد مصطفي صلي الله عليه و آل و سلم جي سيرت پاڪ ۽ حڪم تي عمل ڪريون تان اسان جون محفلون گهر ڳوٺ واهڻ سدائين خوشين سان ڀريل هوندا الله سائين سرڪار محمد و آل محمد عليه اسلام جي صدقي اوهان کي هميشه خوش ۽ آباد رکي اوهين الله جي ولي بزرگن سادات جي عزت ۽ تعظم ڪريو ٿا اوهان لاء اسان جي دل مان سداين دعائون نڪرن ٿيو پنهجي ٻچن سدائين آاد ۽ خوش هجو ڪڏهين ڪوسو واء نا لڳي۔آخر ۾ درگاھ ڏيڏي شاھو فقيرجي سجاده نشين شاهواڻي رند برادري جي معزز چنڱي مڙس حاجي غلام رسول رند طرفان سڀنين شرڪاء جو محفل ۾ شت نرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ بعد۾ لنگرنياز آئل مهمانن کي پيش ڪيو يو۔