English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ قيو اي ٽي پاران پيادل مارچ
22 views
|
26th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
افغانين جي نيڪالي لاءِ، سارين جي گهٽ اگهه ۽ بدامني خلاف ڌرڻو
حيدرآباد(بيورو)سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ غير قانوني افغانين کي نيڪال نہ ڪرڻ، سارين جو اگھ گھٽائڻ، عورتن جي قتل، ڪاروڪاري ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف قاسم آباد حيدرآباد جي علائقي لنڊن ٽائون کان پيادل مارچ علي ڪري پيلس چوڪ، نسيم نگر چوڪ، واڌو واھ کان ٿيندو پڪوڙا چوڪ تي پھتو جتي ڌرڻو هنيو ويو. مارچ جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، زاھده ڏاھري، نصرت خاصخيلي، امير زادي برھماڻي، شھربانو راھوجو، شازيہ احمداڻي، صبا سمون، زرينه بلوچ، نذيران مجدد قريشي، عزيزان نوناري، جميلان لغاري، ميڻي ڪولھي، راحيلا لاڙڪ، نسيم گورچاڻي، عائشا لاڙڪ، تبسم ترڪ، ماروي خاصخيلي، فضا ملاح، ھميرہ اختر، بختاور چنڊ، شائسته ابڙو، بختاور خاصخيلي، زرينہ ڇلگري، مرڪ خاصخيلي، تنزيلا ساند, عاليہ بروھي, سنجيھا لغاري ۽ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن الطاف خاصخيلي، معشوق چانڊيو، زاھد ڀنڀرو، حسين درس، رازو ڪولھي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. مارچ کي خطاب قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو خطاب ڪندي چيو تہ ٽن صوبن مان غير قانوني افغانين کي پڪڙي واپس پنھنجي ملڪ موڪليو پيو وڃي پر سنڌ حڪومت جا وزير، وڏيرا ۽ پوليس غير قانوني افغانين کي نيڪالي ڏيڻ بدران انھن تحفظ ڏئي رھيا آھن. سنڌ حڪومت صرف ڏيکاء خاطر غير قانوني افغانين جي نيڪالي جا لفظي بيان ڏئي رھي آھي، عملي طور ڪو بہ ايڪشن ناھي. ڪراچي ۾ افغان بستي کانسواءِ سڄي ڪراچي ۾ غير قانوني افغانين جون بستيون آھن، حيدرآباد، نواب شاھ، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، ڄامشورو سميت سمورن ضلعن ۾ غير قانوني افغاني پکڙيل آھن، اتي ڪو بہ ايڪشن نہ ٿيو آھي. پوليس غير قانوني افغانين کي ڪمائي جو ذريعو بنائي ڇڏيو آھي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ سارين جو اگھ گھٽائي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو تہ سارين جو اگھ 4000 ھزار روپيا مقرر ڪري سنڌ حڪومت خريداري مرڪز قائم ڪري. سارين جو اگھ گھٽائڻ ۾ صوبائي وزير، ڊپٽي ڪمشنر، ڪارخانيدار ۽ واپاري ملوث آھن. واپارين ۽ ڪارخانيدارن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ صوبائي وزير کي ڪروڙين روپيا ڀتو ڏئي خاموش ڪرائي ڇڏيو آھي. جنھنڪري سنڌ حڪومت اگھ مقرر نٿي ڪري ۽ خريداري سينٽر قائم نٿي ڪري. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر زاھدھ ڏاھري خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ کي عورتن ۽ نياڻين جي مقتل گاھ بنايو ويو آھي. ڪاروڪاري، سڱ چٽي ۽ ٻين قبيلائي رسمن ذريعي عورتن جي زندگي جھنم بنائي وئي آھي. ننڍي عمر جي نياڻين جو زبردستي مذھب تبديل ڪري انھن جون شاديون ڪيون وڃن ٿيون، جيڪو عمل غير قانوني ۽ غير شرعي آھي. سردار، جاگيردار، وڏيرا عورتن ۽ انساني حقن جون روز پائماليون ڪن ٿا پر عدليہ، پارليامينٽ ۽ پوليس خاموش تماشائي رھي ٿي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ فضا ملاح خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ عورتن تي تشدد، قتل، سڱ چٽين ۽ جرڳن ۾ ملوث ماڻھن کي گرفتار ڪيو وڃي. سنڌ ۾ ڏوھاري کلي عام ماڻھو اغوا، ڦرون، ڌاڙا ۽ قتل ڪري رھيا آھن. سڄي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آھي. منشيات جا اڏا قائم لڳا پيا آھن. نوجوانن کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي. ڌرڻي ۾ مطالبو ڪيو تہ فوري طور تي غير قانوني افغانين کي نيڪالي ڏني وڃي. سارين جو اگھ 4000 ھزار روپيا مقرر ڪري خريداري سينٽر قائم ڪيا وڃن. عورتن کي قتل ۽ ڪاروڪاري جا الزام ھڻندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري کير سخت سزا ڏني وڃي. ننڍي عمر جي نياڻين جو جبري مذھب تبديل ڪري زبردستي شاديون ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري نياڻيون واپس وارثن حوالي ڪيون وڃن. ڌاڙن، ڦرن، منشيات ٻين ڏوھن ۾ ملوث ڏوھارين کي سخت سزائون ڏنيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Nov 2025
•
دنیا
سری لنکا میں شدید بارشوں اور لینڈ سلائیڈنگ سے تباہی، ہلاکتیں 46 تک پہنچ گئیں
27th Nov 2025
•
سندھ
ناصر حسین شاہ کی ای وی چارجنگ اسٹیشنز کے قیام کیلئے اسٹریٹجک شراکت داری کی تجویز کی منظوری
27th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
جمعیت علمائے اسلام کا شیر — شہید ڈاکٹر خالد محمود سومروؒ: ایک بلند پایہ شخصیت پر جامع نظر
27th Nov 2025
•
سندھ
وزیراعلیٰ سندھ مراد علی شاہ کی زیرصدارت ترقیاتی بجٹ کا جائزہ اجلاس
28th Nov 2025
•
دنیا
سری لنکا میں شدید بارشوں اور لینڈ سلائیڈنگ سے تباہی، ہلاکتیں 46 تک پہنچ گئیں
27th Nov 2025
•
سندھ
ناصر حسین شاہ کی ای وی چارجنگ اسٹیشنز کے قیام کیلئے اسٹریٹجک شراکت داری کی تجویز کی منظوری
27th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ڀرسان ڳوٺ عطر جي وانڍ وٽ سارين جي ديري کي باهه، سوين مڻ ساريون سڙي ويون
27th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شهري کي ڀتي لاءِ ڌمڪيون ڏيندڙ سندس ئي ڊرائيور نڪتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ غير
0 تبصرے