English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مبينا مقابلا، ٻه ڄڻا مارجي ويا، ٻه زخمي
247 views
|
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ضلعي ملير ۾ پوليس ۽ ڏوھارين جي وچ ۾ ٻن ڌار ڌار مقابلن دوران ٻه ڏوهاري مارجي ويا جڏهن تہ ٻه زخمي ۽ سندن ٻيا ساٿي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا۔ پوليس موجب ٻنهي هنڌن تان هٿيار، گوليون، روڪ رقم، زيور ۽ موبائل فونز هٿ ڪيا ويا آهن پوليس مطابق پهريون مقابلو ميمڻ ڳوٺ جي مصطفيٰ هائوسنگ سوسائٽي جي حدن ۾ ٿيو جتي اطلاع ملي هئي ته 5 کان 6 هٿياربند گهر اندر ڦرلٽ ڪرڻ بعد ڀڄي رهيا آهن۔ پوليس ٽيم موقعي تي پهتي ته ڏوهارين فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن تي پوليس پاران به جوابي فائرنگ ڪئي وئي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو جڏهن تہ باقي ساٿي فرار ٿي ويا پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ عامر ۽ زخمي جي سڃاڻپ فياض جي نالي سان ٿي آهي۔ واقعي واري هنڌ تان پسٽل، گوليون، ڦريل موبائل فون، نقد رقم، سونا ۽ ڪپڙا هٿ ڪيا ويا۔ زخمي ڏوهاري کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهنتہ ڀڄي ويل ڏوهارين جي ڳولا جاري آهي ٻيو مقابلو شاه لطيف ٽائون جام ڪنڊو مريم روڊ جي ڀرسان پيش آيو، جتي پوليس ۽ ڏوهارين ۾ فائرنگ دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿيو۔ پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري اڃا تائين نامعلوم آهي، جڏهنتہ زخمي جي سڃاڻپ غلام رسول ولد محمد خان، عمر 40 سال طور ڪئي وئي آهي۔ ٻنهي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي واقعن ۾ مارجي ويل ۽ زخمي ڏوهاري ممڪن طور ڪنهن منظم ڦرلٽ ڪندڙ ٽولي سان تعلق رکن ٿا۔ پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ پوليس ۽ ڏوھارين
0 تبصرے