ملير جدوجهد ڪميٽي جي وفد جي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم سان ملاقات

ڳوٺن ۾ قائم فيڪٽرين خاص طور پي ڪي مويشي ڪمپني انتظاميا جي ناانصافين خلاف چارٽر آف ڊيمانڊ پييش

ملير جدوجهد ڪميٽي جي وفد جي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم سان ملاقات

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي جي مقامي نوجوانن جي روزگار لاءِ جاکوڙيندڙ ملير جدوجهد ڪميٽي جي نمائنده وفد ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو سان ملاقات ڪئي.وفد ۾ فيض سنڌي، اقبال ڪلمتي، اورنگزيب جوکيو، صدام ڪلمتي ۽ امتياز جوکيو شامل هئا ملاقات دوران وفد ضلعي جي ڳوٺن ۾ قائم مختلف ڪارخانن، خاص طور پي ڪي مويشي ڪمپني جي انتظاميا طرفان مقامي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين، بي دخلين ۽ برطرفين بابت تفصيلي آگاهي ڏني وفد پاران ٻڌايو ويو ته ڪارخانا علائقي جي وسيلن ۽ زمينن مان فائدو وٺي رهيا آهن پر مقامي نوجوانن کي روزگار کان محروم رکيو پيو وڃي جنهن سبب بيچيني ۽ مايوسي وڌي رهي آهي. وفد ايم اين اي کي هڪ تحريري چارٽر آف ڊيمانڊ پڻ پيش ڪيو جنهن ۾ روزگار ۾ مقامي ماڻهن جي حصي، برطرف ڪيل مزدورن جي بحالي، ۽ علائقائي ڀرتين ۾ شفافيت جي گهر ڪئي وئي.ان موقعي تي وفد جو چوڻ هو ته توهان اسان جا وڏا ۽ چونڊيل نمائندا آهيو اسان اميد رکون ٿا ته توهان اسان جو ساٿ ڏيندؤ ٻي صورت ۾ اسان کي پنهنجو احتجاجي ۽ سياسي جدوجهد وڌيڪ تيز ڪرڻي پوندي.جواب ۾ سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو وفد کي خاطري ڏني ته هونوجوانن سان ٿيندڙ ڪنهن به ناانصافي کي برداشت نه ڪندو. هن وضاحت ڪندي چيو: نه ڪا فيڪٽري منهنجي آهي نه ئي ڪنهن ڪاروبار ۾ منهنجو حصو آهي پر جيڪڏهن مقامي ماڻهن سان ظلم يا ناانصافي ٿي ته مان پاڻ توهان سان گڏ جدوجهد ڪندس.ايم اين اي وفد کي يقين ڏياريو ته هو انتظاميا سان رابطو ڪري مقامي ماڻهن جي روزگار بابت شڪايتن جو جائزو وٺندو ۽ ان مسئلي جو منصفاڻو حل ڪڍڻ لاءِ قدم کڻندو. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ پوري ٿي ۽ ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته نوجوانن جي حقن ۽ روزگار لاءِ گڏيل جدوجهد جاري رهندي.