عمرڪوٽ ۾ پوليو جي عالمي ڏهاڙي تي واڪ جو اهتمام

ضلعي انتظاميا، روٽري ڪلب ۽ مختلف سماجي تنظيمن پاران ريلي ڪڍي وئي

عمرڪوٽ ۾ پوليو جي عالمي ڏهاڙي تي واڪ جو اهتمام

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ضلعي انتظاميا عمرڪوٽ، روٽري ڪلب عمرڪوٽ ۽ مختلف سماجي تنظيمن جي گڏيل سهڪار سان پوليو جي خاتمي، ان کان بچاءَ ۽ عوامي شعور بيدار ڪرڻ جي مقصد سان وڏي واک ريلي جو انتظام ڪيو ويو۔ ريلي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ ريلي جي اڳواڻي ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاهري ڪئي۔ ان موقعي تي ڊي ايس پي عمرڪوٽ تصور جٽ، تعليم کاتي جا آفيسر زمان کوسو، پوليو جا فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار، ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب منگريو،ڊسٽرڪٽ روٽريڪٽ ڪلب جو پريم بنجارا ، مختلف اسڪولن جا استاد، والدين ۽ وڏي تعداد ۾ شاگرد شريڪ ٿيا، جن جي هٿن ۾ آگاھي بينرز، پوسٽر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي پوليو جي خاتمي بابت پيغام لکيل هئا۔ شرڪت ڪندڙن مارچ دوران نعره هنيا: "پوليو جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي"صحت مند پاڪستان – پوليو فري پاڪستان" ۽ "ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پياريو" وغيره۔ ان موقعي تي ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاهري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ پوليو جهڙي موذي بيماري جو خاتمو اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي۔ والدين کي گهرجي تہ هو پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ ۾ ڪابہ غفلت نہ ڪن، جيئن ايندڙ نسلن کي معذوري جهڙي دائمي خطري کان بچائي سگهجي۔ ھن چيو تہ سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتو پوليو جي خلاف ڀرپور قدم کڻي رهيا آهن، جڏهن تہ انتظاميا، روٽري ڪلب ۽ سماجي تنظيمون گڏجي عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن۔ ان موقعي تي روٽري ڪلب جي نمائندن چيو تہ هو هميشه وانگر پوليو جي خاتمي جي مشن ۾ انتظاميا سان ڪلهي ڪلهو هڻي بيٺل رهندا ۽ ٻارن جي صحت سان لاڳاپيل هر ڪوشش ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا۔ ريلي جي آخر ۾ شاگردن لاءِ آگاھي سيشن پڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پوليو ويڪسين جي اهميت ۽ ان جي عالمي سطح تي خاتمي بابت ڄاڻ فراهم ڪئي وئي، ان موقعي تي روٽري ڪلب عمرڪوٽ جي نمائندن ڊسٽرڪٽ پبليڪشن ڪو چيئر پريم بنجارا، ونود ڪمار ڪلب پريزيڊنٽ، مسرور اقبال اڌيپوري، مزمل اقبال چارٽرڊ پريزيڊنٽ، پريزيڊنٽ امراڻو ڪلب زمان کوسو، جنرل سيڪريٽري مناف شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا