روٽري ڪلب نوشهرو فيروز طرفان پوليو جي عالمي ڏينهن تي آگاھي ريلي ڪڍي وئي

روٽري ڪلب نوشهرو فيروز طرفان پوليو جي عالمي ڏينهن تي آگاھي ريلي ڪڍي وئي

نوشهرو فيروز (ڊ ر)روٽري ڪلب نوشهرو فيروز جي طرفان پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آگاھي ريلي جو اهتمام ڪيو ويو۔ پوليو آگاھي واک جي اڳواڻي روٽري ڪلب جي صدر پروفيسر محمد اشرف جويو ڪئي، جڏهن⁠ ته روٽيرين محمد موسى گوندل، پروفيسر محمد بچل ڪاڪيپوٽو، ڊاڪٽر ممتاز ڏنگراج، عبدالشڪور عباسي، بدرالدين جتوئي، ڊاڪٽر نعمت الله سومرو، پروفيسر امداد علي شاهه ۽ ٻين روٽيرين شرڪت ڪئي۔ روٽيرين کان علاوه گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشهرو فيرو جا سوين شاگرد ۽ استاد، ضلعي انتظاميه جو نمائندو ڊاڪٽر وجي ڪمار، ڊي ايڇ او جو نمائندو ڊاڪٽر غلام علي، يونيسيف جو نمائندو اڪبر علي جونيجو، هيلٿ ورڪرز ۽ پوليو ويڪسينٽرز پڻ واک ۾ حصو ورتو۔ پوليو آگاھي واک جو آغاز گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشهرو فيروز کان ٿيو، جيڪو پريس ڪلب نوشهرو فيروز آڏو ختم ٿيو۔ واک جي پڄاڻي تي صدر، روٽيرين، ڊاڪٽرن، پروفيسرن ۽ شاگردن پوليو جي خاتمي ۽ ان وبا کان بچاءَ بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا روٽري ڪلب نوشهرو فيروز جي صدر پروفيسر محمد اشرف جويو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا جي اڪثر ملڪن مان پوليو جو خاتمو ٿي چڪو آهي، پر بدقسمتي سان رڳو پاڪستان ۽ افغانستان ۾ هي مرض اڃا تائين موجود آهي۔ هن چيو ته ان جو وڏو سبب ڪجهه ذميوار ادارن جي لاپرواهي ۽ انهن والدين جو عدم تعاون آهي، جيڪي پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪن ٿا واڪ دوران روٽيرين محمد موسى گوندل، عبدالشکور عباسي، پروفيسر محمد بچل ڪاڪيپوٽو، ڊاڪٽر ممتاز ڏنگراج، ڊاڪٽر نعمت الله سومرو ۽ بدرالدين جتوئي پوليو جي خطرن تي روشني وڌي ۽ پاڪستان جي عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارين، جيئن پاڪستان کي دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پوليو کان پاڪ بڻائي سگهجي۔