عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) نامور ليکڪ، اديب ۽ سماجي شخصيت پارومل پريمي ڏياري جي خوشين کي دوستن سان ونڊڻ لاءِ ميرپورخاص مان خاص طور پريس ڪلب عمرڪوٽ پهتا، ان موقعي تي هنن ڏياري جي مٺائي پيش ڪئي ۽ چانهه پارٽي جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ پريس ڪلب جي صحافين غلام مصطفي مھر ، زاھد احمد ڪي ڪي ، وقاص يوسفزئي ، سوائي مل رکيسر، رسول بخش رحيمداڻي ، غلام محمد ڪنڀار ۽ دوستن ڀرپور شرڪت ڪئي، پارومل پريمي جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اهو پارومل پريمي جي محبت ۽ دوستي جو ثبوت آهي، جو هن پنهنجي خوشين ۾ اسان کي به شامل ڪيو، تقريب خوشگوار ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتي، جتي بين المذاهب هم آهنگي ۽ ادبي دوستي جي هڪ نئين مثال قائم ڪئي وئي.
0 تبصرے