English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون کي پاڻي جي فراهمي بند، رهواسي سراپا احتجاج
268 views
|
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پاڻي جي بندش خلاف سوين اسڪولي ٻارڙا روڊن تي نڪري آيا، سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين جي به شرڪت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ چئن مهينن کان پيئڻ جي پاڻيءَ جي بندش خلاف سوين اسڪولي ٻارن روڊن تي نڪري احتجاجي مارچ ڪندي ڌرڻو هنيو هنن سان علائقي جا سياسي سماجي اڳواڻ عمیر شاھد، سید جاوید علی شاہ، اسلم منگی ۽ ایڊوڪيٽ محبوب محمد کوسو به گڏ هئا احتجاج دوران شاگردن پاران پاڻي ڏيو، پاڻي ڏيوگلشن حديد بڻجي ويئي ڪربلا جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا جنهن سبب علائقي جو ماحول جذباتي بڻجي ويو۔ شاگردن جو چوڻ هو ته اسٽيل مل انتظاميا گذريل چار مهينن کان گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون کي پاڻيءَ جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري اسڪولن، گهرن، مسجدن ۽ مارڪيٽن ۾ پاڻي ناياب ٿي ويو آهي احتجاج ڪندڙن مطابق پاڻي جي کوٽ سبب تعليمي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن ۽ شاگرد روزانو وڏي ڏکيائيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ شاگردن اهو به ٻڌايو ته گذريل هڪ سال کان اسٽيل ٽائون ۾ گيس جي فراهمي پڻ بند آهي، جنهن ڪري علائقو بنيادي سهولتن کان محروم ٿي ويو آهي۔احتجاج ڪندڙ شاگردن اسٽيل مل انتظاميا، صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي فوري طور مسئلو حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي، چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران ختم نه ڪيو ويو ته جلد ئي هزارين شاگرد قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻندا۔شاگردن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهي تعليم سان گڏ پنهنجي بنيادي حقن لاءِ به جدوجهد جاري رکندا، جيستائين علائقي ۾ پاڻي ۽ گيس جي فراهمي بحال نه ڪئي ويندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
)گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون
0 تبصرے