ملير: ڀينس ڪالوني انتظاميه بي ڌياني سبب مسئلن جي ور چڙهيل، رهواسين جو احتجاج

30، 30 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، صفائي سٿرائي جو ڪو نظام ناهي، روڊ رستا کنڊر بڻيل آهن: شهري

ملير: ڀينس ڪالوني انتظاميه بي ڌياني سبب مسئلن جي ور چڙهيل، رهواسين جو احتجاج

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جو علائقو ڀينس ڪالوني جيڪو هزارين خاندانن جي روزگار جو مرڪز آهي مڪمل طور اونداهين، بدانتظامي ۽ انتظاميا جي بي حسي جو شڪار بڻيل آهي۔ ڄاڻايل علائقو سڄي شهر کي کير، گوشت ۽ روزمره جي خوراڪ مهيا ڪري ٿو پاڻ بدترين ۽ نظراندازي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي گذريل 30 ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي بند هجڻ سبب علائقي جي زندگي مفلوج ٿي وئي آهي گهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي ختم ٿي ويو آهي ڪاروبار بند پيل آهن ٻارڙا گرمي ۽ اونداهين ۾ پريشان آهن رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ڪجهه باقيدار جي ڪري سڄي آبادي کي اجتماعي سزا ڏئي ڇڏي آهي جيڪا ناانصافيءَ جي بدترين مثال آهي علائقي واسين موجب هي رڳو بجلي بندش جو مسئلو ناهي پر نظام جي ناڪامي ادارن جي بي حسي ۽ عوام جي مجبوريءَ جو هڪ وڏو الميو آهي چار ڏينهن جي تڪليف ۽ اونداهين کانپوءِ جڏهن بجلي بحال ٿي ته اها به رڳو ڪجهه وقت لاءِ هئي اڄ وري ساڳي اونداهي، ساڳي بي حسي ۽ ساڳي مايوسي ڇانيل آهي رهواسين جو چوڻ آهي ته هاڻي ته لکڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي، ڳالهائڻ گناهه، ۽ سچ ٻڌائڻ بغاوت ٿي وئي آهي۔ اسان جي گهرن ۾ اونداهو آهي ۽ دلين ۾ مايوسي۔علائقي واسين ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ۽ لاڳاپيل حڪومتي ادارن کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن رهتون وصول ڪرڻيون آهن ته صرف انهن جا ڪنيڪشن ڪٽيا وڃن، سڄي آبادي کي سزا نه ڏني وڃي۔