English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
موهن جو دڙو ۾ به ثقافتي رنگ نکري پيا، قديمي ماڳ تي هزارين ماڻهن جي آمد
131 views
|
07th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ايڪتا ڏهاڙي تي عورتن ۽ ٻارڙن سميت هزارين ماڻهن جي موهن جي دڙو تي آمد
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري سڄي سنڌ سميت موهن جو دڙو ۾ ثقافتي ڏھاڙو جوش جزبي سان ملهايو ويو ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌ جي عظيم ماڳ موهن جو دڙو تي سنڌ جا هزارين عاشق پهچي عظيم تهذيب کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ قومي گيتن تي رقص ڪري جهمريون هنيون،هرطرف اجرڪ جي ڦلڙين ۽ ٽوپين جي ڪاون جا تجلا نظر آيا جڏھن ته سڄي سنڌ جيان ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي موهن جو دڙو ۾ به عوام ڀرپور موٽ ڏني ۽ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو ۽ هر طرف ثقافت جا رنگ نظر آيا،مختلف شھرن کان هڪ سئو 100 کان وڌيڪ ريليون ڪڍيون ويون ۽ قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون،جڏھن ته سنڌ جي مختلف شهرن لاڙڪاڻي،دادو، خيرپور، ڪراچي ڪشمور، جيڪب آباد، قمبر شھدادڪوٽ، شڪارپور سکر، گهوٽڪي، حيدرآباد، بدين، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ڏوڪري، موهن جو دڙو ۽ ٻين شهرن مان سنڌ جا هزارين عاشق وڏي تعداد ۾ موهن جي دڙي تي پهتا،جڏھن ته آيل ماڻهن ۾ عورتون مرد ۽ ٻارڙا شامل هيا جڏھن ته ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن جي ڪلهن تي اجرڪ اوڍيل ۽ ٽوپيون پاتل هيون ريلي ۾ ٻارڙن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جن کي ثقافتي ويس وڳا پهريل هئا،قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو،جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا، جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا، جيئن سهڻا دنيا ۾ ٻيا به هزار سنڌي ماڻهو پڌرا لکن ۾ جا گيت گونجندا رهيا ان موقعي تي سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل ماڻھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ميڊيا جس لهڻي جنهن سڄي قوم کي ثقافت جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو آهي.هنن وڌيڪ چيو ته اسان خوش نصيب آهيون جو هزارين سالن جي تهذيب ۽ ثقافت جا وارث آهيون جنهن جو مثال موهن جو دڙو آهي هنن چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافت تي ناز آهي هتي اچي ڪري تمام گهڻو مزو آيو آهي اسان پنهنجي تهذيبي ۽ ثقافتي اهڃاڻ موهن جو دڙو کي سلامي پيش ڪرڻ لاءِ هتي آيا آهيون.ان موقعي تي صحافي عبدالحق پيرزادو محمد علي راڄپر عبدالجبار ميمڻ ربنواز کوسو جي ايم جهتيال منظور ميراڻي مقبول ڪانڌڙو عبدالوحيد ڳاهو ارشاد کوکر محمد صفر جوڻيجو عامر علي ڏيرو رياض سومرو عدنان سميع راڄپر جنيد راڄپر جواد راڄپر ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ ماڻھون ماڳ تي پهتا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
موهن جو دڙو ۾ به ثقافتي رنگ نکري
0 تبصرے