ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ ٺٽي جي آفيسرن سان گڏجاڻي

گڏجاڻي ۾ ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو، ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي ۽ ٻيا آفيسر شامل هئا

ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ ٺٽي جي آفيسرن سان گڏجاڻي

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ ضلعي ٺٽي جي مختلف کاتن جي عملدارن سان تعارفي گڏجاڻي منعقد ٿي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو، ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي سميت ريونيو، صحت، تعليم، سوشل ويلفيئر، لائيو اسٽاڪ، پبلڪ هيلٿ، بلڊنگز، ميونسپل، ٽائون ڪميٽين ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر فياض حسين عباسي خطاب ڪندي چيو ته سمورا آفيسر ضلعي انتظاميا سان ويجهو رابطو رکندي پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائين. هن زور ڏنو ته ضلعي جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سچائي، ايمانداري ۽ محنت سان پنهنجا فرض نڀايا وڃن. ڪمشنر چيو ته عوام جا جائز مسئلا بنا ڪنهن فرق جي ترجيح بنيادن تي حل ڪيا وڃن ۽ هر هڪ اداري کي پنهنجي مالڪي جو احساس رکندي لٽريسي ريٽ، صحت ۽ ٻين بنيادي حقن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. ڊويزنل ڪميشنر ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو کي هدايت ڪندي چيو ته سمورن کاتن جي سربراهن سان هر مهيني اجلاس منعقد ڪري ڪميونيڪيشن گيپ ختم ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. ان کان اڳ ڊويزنل ڪمشنر فياض حسين عباسي لمس ڪيمپس ٺٽو جو دورو ڪيو، جتي ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم ۽ ٻيا عملدار ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر غلام سرور قريشي ڪيمپس جي انفراسٽڪچر، ڊپارٽمنٽس، سرجري، طبي خدمتن ۽ ٻين سهولتن بابت تفصيلي بريفنگپڻ ڏني. ڪمشنر تجربيڪار فيڪلٽي ۽ اعليٰ معيار جي انتظاميا جي تعريف ڪندي چيو ته اداري جي خوبصورتي ۽ وقار کي برقرار رکڻ قابل تعريف ڪوشش آهي. هن چيو ته کيس مڪمل اميد آهي ته يونيورسٽي طبي ۽ عوامي صحت جي شعبي ۾ نمايان مقام ضرور ٺاهيندي. بعد ۾ ڊويزنل ڪمشنر سول اسپتال مڪلي جو پڻ دورو ڪيو، جتي هن مختلف وارڊن ۽ شعبن جو معائنو ڪيو ۽ مريضن کان مهيا ٿيندڙ سهولتن بابت معلومات حاصل ڪئي. هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هر مريض کي بنا ڪنهن فرق جي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ان کان علاوه هن سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس ٺٽو، اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر مڪلي ۽ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو به پڻ دورو ڪيو، جتي هن تدريسي عمل ۽ ٻين بنيادي سهولتن جو جائزو ورتو. هن مختلف ڪلاس رومز جو معائنو ڪيو ۽ شاگردن کان سوال پڻ ڪيا. ڪمشنر فياض عباسي چيو ته “تعليم هر انسان جو بنيادي حق آهي، ھن استادن کي هدايت ڪئي ته شاگردن جي تعليمي بهتري لاءِ وڌيڪ محنت ڪن ۽ معياري تعليم جي فراهمي سميت صفائي سٿرائي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي.