English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ ٺٽي جي آفيسرن سان گڏجاڻي
221 views
|
05th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي ۾ ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو، ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي ۽ ٻيا آفيسر شامل هئا
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ ضلعي ٺٽي جي مختلف کاتن جي عملدارن سان تعارفي گڏجاڻي منعقد ٿي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو، ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي سميت ريونيو، صحت، تعليم، سوشل ويلفيئر، لائيو اسٽاڪ، پبلڪ هيلٿ، بلڊنگز، ميونسپل، ٽائون ڪميٽين ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر فياض حسين عباسي خطاب ڪندي چيو ته سمورا آفيسر ضلعي انتظاميا سان ويجهو رابطو رکندي پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائين. هن زور ڏنو ته ضلعي جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سچائي، ايمانداري ۽ محنت سان پنهنجا فرض نڀايا وڃن. ڪمشنر چيو ته عوام جا جائز مسئلا بنا ڪنهن فرق جي ترجيح بنيادن تي حل ڪيا وڃن ۽ هر هڪ اداري کي پنهنجي مالڪي جو احساس رکندي لٽريسي ريٽ، صحت ۽ ٻين بنيادي حقن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. ڊويزنل ڪميشنر ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو کي هدايت ڪندي چيو ته سمورن کاتن جي سربراهن سان هر مهيني اجلاس منعقد ڪري ڪميونيڪيشن گيپ ختم ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. ان کان اڳ ڊويزنل ڪمشنر فياض حسين عباسي لمس ڪيمپس ٺٽو جو دورو ڪيو، جتي ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم ۽ ٻيا عملدار ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر غلام سرور قريشي ڪيمپس جي انفراسٽڪچر، ڊپارٽمنٽس، سرجري، طبي خدمتن ۽ ٻين سهولتن بابت تفصيلي بريفنگپڻ ڏني. ڪمشنر تجربيڪار فيڪلٽي ۽ اعليٰ معيار جي انتظاميا جي تعريف ڪندي چيو ته اداري جي خوبصورتي ۽ وقار کي برقرار رکڻ قابل تعريف ڪوشش آهي. هن چيو ته کيس مڪمل اميد آهي ته يونيورسٽي طبي ۽ عوامي صحت جي شعبي ۾ نمايان مقام ضرور ٺاهيندي. بعد ۾ ڊويزنل ڪمشنر سول اسپتال مڪلي جو پڻ دورو ڪيو، جتي هن مختلف وارڊن ۽ شعبن جو معائنو ڪيو ۽ مريضن کان مهيا ٿيندڙ سهولتن بابت معلومات حاصل ڪئي. هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هر مريض کي بنا ڪنهن فرق جي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ان کان علاوه هن سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس ٺٽو، اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر مڪلي ۽ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو به پڻ دورو ڪيو، جتي هن تدريسي عمل ۽ ٻين بنيادي سهولتن جو جائزو ورتو. هن مختلف ڪلاس رومز جو معائنو ڪيو ۽ شاگردن کان سوال پڻ ڪيا. ڪمشنر فياض عباسي چيو ته “تعليم هر انسان جو بنيادي حق آهي، ھن استادن کي هدايت ڪئي ته شاگردن جي تعليمي بهتري لاءِ وڌيڪ محنت ڪن ۽ معياري تعليم جي فراهمي سميت صفائي سٿرائي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي
0 تبصرے