سياسي سماجي مذهبي اڳواڻ، صحافي، وڪيل ۽ شهري تڏي تي پهتا
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) پ پ سامارو جي نائب صدر لال بخش خاصخيلي جي والدہ جي وفات تي ضلعي عمرڪوٽ جي سياسي، سماجي، قانوني ۽ صحافتي حلقن طرفان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، نامور سماج سڌارڪ ۽ پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي، نامور وڪيل اظهر آرائين، سجاد علي شيخ، عرفان ڀائي، استاد محمد ابراهيم، رئيس منصور علي خان بلوچ، محمد رحيم کوسو سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن، برادري جي معتبر شخصيتن ۽ صحافين سامارو ۾ خاصخيلي هائوس پهچي لال بخش خاصخيلي، سندس ڀاءُ ۽ ٻين وارثن سان ملاقات ڪري کين دلي تعزيت پيش ڪئي، وفد مرحومه لاءِ دعا گهري ته الله پاڪ سندس مغفرت فرمائي، لواحقين کي صبر جميل عطا ڪري، ان موقعي تي رسول بخش رحيمداڻي چيو ته لال بخش خاصخيلي وڏي سماجي سڃاڻپ رکندڙ شخصيت آهي، سندس والدہ جي وفات جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو اسان لال بخش جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون الله پاڪ مرحومه کي جنت ۾ جاءِ ڏي.
0 تبصرے