ڊپٽي ڪمشنر ملير سميع الله شيخ جي ھدايت تي آپريشن ڪري ڇپرا ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪيا ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڊپٽي ڪمشنر ملير سميع الله شيخ جي ھدايت تي گلشن حدید ۾ روڊن رستن پارڪن تي قائم غيرقانوني تجاوزات خلاف وڏو آپريشن ڪيو ويو ڊي سي ملير اينٽي انڪروچمينٽ ۽ پوليس فورس سان گڏ گلشن حدید فیز ٽو پهتو جتي سندس نگراني ۾ جامع مسجد باب الرحمت، ٽيليفون ايڪسچينج ۽ نجي بئنڪ جي اڳيان گذرندڙ روڊ تي قائم غيرقانوني ڇپرا دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا آپريشن دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر ملير سميع الله شيخ چيو ته ضلع ۾ روڊن رستن تي ٿيندڙ غير قانوني قبضن خلاف سخت ڪارروائيون جاري رهنديون ۽ ان سڄي عمل جي مستقل نگراني ڪئي ويندي ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف چالان ۽ گرفتاريون پڻ ٿينديون هن چيو ته سرڪاري زمين، روڊ يا فٽ پاٿ تي ڪڏهن به قبضو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ قبضا مافيا خلاف زيـرو ٽالرنس پاليـسي تي عمل ڪيو ويندوڪارروائي وقت اسسٽنٽ ڪمشنر بن قاسم خالد عبدالمعروف، ريونيو عملي ۽ گڏاپ ٽائون جو عملو پڻ موجود هو آپريشن دوران علائقي جا رهواسي ۽ سماجي ڪارڪن وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي ويا ۽ انتظاميه جي هن قدمن کي ساراهيندي خوشي جو اظهار ڪيو شهريـن جو چوڻ ھو ته گلشن حدید ۾ غيرقانوني قبضا هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪا آهن، گليون، روڊ، فٽ پاٿ به قبضي هيٺ اچي چڪا آهن هنن مطالبو ڪيو ته ضلعي انتظاميا قبضا گيرن خلاف اڃان به سخت ايڪشن ڪري سمورو علائقو ڪليئر ڪرائي
0 تبصرے