وڌندڙ ڏوهن، منشيات جي اسمگلنگ، اسٽريٽ ڪرائم ۽ سماج دشمن عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رھندو
مورو (جاني جماڻي) مورو ۾ ڊي ايس پي مقرر ٿيندڙ اي ايس پي راءِ محمد آصف کرل صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ مورو شهر ۾ وڌندڙ ڏوهن، منشيات جي اسمگلنگ، اسٽريٽ ڪرائم ۽ سماج دشمن عنصرن خلاف مڪمل ڪريڪ ڊائون جاري رھندو ۽ ڪنهن کي به قانون کي پنهنجي هٿن ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اي ايس پي راءِ محمد آصف کرل چيو ته پوليس مورو کي ڏوهن کان پاڪ ۽ پرامن شهر بڻائڻ لاءِ جديد حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهي آهي. حساس هنڌن تي پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، ھن چيو ته آء جي سنڌ، ڊي آء جي، ايس ايس پي طرفان احڪامات مليل آھن ۽ منشيات فروشن ۽ ڏوهاري ٽولن جي ٺڪاڻن تي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيا ويندا. ڏوهاري چاهي ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن قانون جي چنگل مان نه بچندا. پوليس اسٽيشنن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ ويجهي نگراني جو نظام ٺاهيو ويو آهي ۽ شڪايتن تي فوري ڪارروائي پوليس جي ترجيح هوندي. صحافي ۽ پوليس ھڪ پيج جو حصو آھن گڏجي سماج ۾ سڌارو آڻينداسين. شهر ۾ امن امان کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪميونٽي پوليسنگ کي به مضبوط ڪيو پيو وڃي ته جيئن عوام ۽ پوليس وچ ۾ اعتماد وڌي سگهي ۽ ڏوهن کي روڪي سگهجي. اسان ڏينھن توڙي رات منشيات خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪنداسين. ڊي ايس پي راءِ محمد آصف کرل شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي پوليس سان تعاون ڪن ۽ ڪنهن به شڪي سرگرمي جي فوري طور تي اطلاع ڏين، مورو شهر ۾ امن ۽ سڪون بحال ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي ۽ ان مقصد لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
0 تبصرے