عتيق الرحمان وسطڙو عاشق حسين ڪورائي عادم علي ٻگھيو وقار علي ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي
نوشھرو فيروز (ڊر)آء بي اي سکر پاران SPD-01 جي پاس اميدوارن کي آفر آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف اميدوارن نيشنل پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو مظاھري جي اڳواڻي عتيق الرحمان وسطڙو عاشق حسين ڪورائي عادم علي ٻگھيو وقار علي ڪورائي گوھر علي ڪيريو خالد حسين مبيجو مشاھد علي سولنگي ۽ ٻين پاس اميدوارن جو چوڻ هو ته اسان لکين رپيا خرچ ڪري فزيڪل ٽيسٽ ۽ انٽرويو سڀ مرحلا مڪمل ڪيا آھن پر ان جي باوجود به سنڌ حڪومت اسان کي آفر آرڊر جاري نٿي ڪري جيڪو سراسر اسان سان زيادتي ۽ بي انصافي آهي مظاهرين چيو ته ڪيترائي مهينا گذري ويا آهن، پر سنڌ حڪومت ڪنهن به قسم جي وضاحت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي جنهن سبب اميدوار شديد پريشانيءَ جو شڪار آهن هنن سي ايم سنڌ ھوم منسٽر ضياء الحسن لنجار آء جي سنڌ ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد SPD-01 ويٽنگ اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪري روزگار جا در کوليا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔
0 تبصرے