English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: تاريخي چوڪنڊي قبرستان گندي پاڻي ۽ ٽٽل روڊ سبب تباهيءَ جو شڪار
138 views
|
30th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
صدين جي تاريخ رکندڙ چوڪنڊي قبرستان بدانتظامي سبب تباهه حالي جو شڪار
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) تاريخي اهميت رکندڙ چوڪنڊي قبرستان جيڪي صديون پراڻا آثارِ قديمه ۽ سنڌ جي شاندار ورثي جي علامت آهي جيڪو هاڻ شديد بدانتظامي، ٽٽل روڊن ۽ گٽرن جي وهندڙ گندي پاڻي سبب تيزيءَ سان تباهيءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي علائقي واسين، تاريخي ورثي سان لاڳاپيل ماهرن ۽ سماجي تنظيمن سخت تشويش جو اظهار ڪندي انتظاميه کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي مقامي رهواسين مطابق قبرستان ڏانهن ويندڙ اهم رستو ڪيترن مهينن کان ڀڃي پيو آهي جنهن ۾ وڏا کڏا، مٽي ۽ پاڻي گڏجي مسافرن، سياحن ۽ محققن لاءِ آمدرفت ڏکي بڻائي ڇڏي آهي بدترين صورتحال تڏهن پيدا ٿي جڏهن ويجهو گٽر لائين ٽٽي پئي ۽ ان مان نڪرندڙ گندو پاڻي قبرستان جي حدن ۾ داخل ٿيڻ لڳو جنهن نه صرف ماحول کي خراب ڪيو آهي پر ڪيترن ئي پراڻن قبرن جا بنياد به ڪمزور ٿي رهيا آهن تاريخي ورثي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته چوڪنڊي قبرستان نه رڳو سنڌ پر سڄي دنيا ۾ پنهنجي منفرد پٿر جي نقاشي، اسلامي آرڪيٽيڪچر ۽ ثقافتي اهميت سبب سڃاتو وڃي ٿو پر افسوس جو اڄ اهو عالمي ورثو مڪمل لاتعلقي سبب زوال جو شڪار ٿي رهيو آهي ٻئي پاسي علائقي جي سماجي اڳواڻن، سياسي نمائندن ۽ ورثي جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ضلعي انتظاميه، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ ۽ واٽر بورڊ کان مطالبو ڪيو آهي ته روڊ جي فوري تعمير، گٽر لائين جي مرمت، قبرستان جي صفائي ۽ حفاظتي ٻاڙ لڳائي تاريخي ورثي کي بچايو وڃي سماجي اڳواڻن جو چٽو موقف آهي ته چوڪنڊي قبرستان عالمي پيئر تي هڪ اهم تاريخي يادگار آهي جنهن جي حفاظت انتظاميه جي ذميواري آهي جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ۾ ان جا بحالي خرچ به وڌي ويندا ۽ سنڌ هڪ قيمتي ورثي کان محروم ٿي سگهي ٿي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
تاريخي چوڪنڊي قبرستان گندي پاڻي
صدين جي تاريخ رکندڙ چوڪنڊي قبرستان
0 تبصرے